گونٽو
گونٽو گل قد جو ننڍو آهي. هن کي هندستانيءَ ۾ گينڊا ۽ انگريزيءَ ۾ ميري گولڊ چوندا آهن. هي تمام سهڻو زرد رنگ جو ٿيندو آهي. منجهس بوءِ به چڱي ٿيندي آهي. هن جا به گهڻا ئي قسم آهن. ڪي ته قد جا وڏا ۽ ڳتيل ٿيندا آهن. ٻج آگسٽ ۾ پوکبو آهي ۽ گل سڄي سياري ۾ رهندا آهن.
هن جي ولايتي نمونن جا جدا جدا نالا آهن. نج گونٽو آفريڪن، يعني آفريڪا جو ميري گولڊ ليکيل آهي. يا چيني يا جرمن آسٽر آهن. ڪي وري زِنپا سڏبا آهن، جن جي رنگن جا چار پنج جدا جدا قسم آهن. ڪي گول تڪمن وانگي، ڪي ڄاهي وانگي ڪنڊن سان، ڪي ننڍي گلدستي وانگي ۽ ڪي ڊگها سُئيءَ وانگي ٿيندا آهن، جنهن ڪري نالا به اهڙا مليل اٿن.[1]
حوالا
🔥 Top keywords: مُک صفحوزمرو:سائنسٻين مھاڀاري جنگخاص:ڳولاخاص:تازيون تبديليونوڪيپيڊيا:بابتوڪيپيڊياوڪيپيڊيا:عام غيرجوابدارينامووڪيپيڊيا:نياتي بابمدد:مندرجاتزمرو:طبمدد:تعارفوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريوزمرو:حياتياتفطرتي سائنسباب:ھاڻوڪا واقعابڪيسنڌي وڪيپيڊياچينوڪيپيڊيا:ھاڻوڪا واقعازمرو:صفائي گهربل سڀئي صفحاوڪيپيڊيا:حوالو ميزقائم الدينوڪيپيڊيا:مندرجاتزمرو:انساني جسموڪيپيڊيا:خبرونارضياتسانچو:ڄاڻخانو اسٽيشنميڊياوڪيزمرو:جاگرافيزمرو:فلڪياتاستنجوسانچو:حوالا ڏيوزمرو:غلط حفاظت سانچن سان وڪيپيڊيا صفحاڪوروناوائرس روڳ 2019زمرو:ٽيڪنالاجيزمرو:اناٽوميسيريزسومار خان ڪنگراڻي