ڪويت

ڪويت(انگريزي: Kuwait ) [6][7]جو سرڪاري نالو دولت الڪويت آھي. ڪويت اولھ ايشيا ۾ فارس جي نار تي واقع ھڪ عرب ملڪ آھي جنھن جون سرحدون عراق ۽ سعودي عرب سان ملن ٿيون. ھن ملڪ جي آبادي اٽڪل 45 لک آھي جنھن ۾ 13 لک ڪويتي عرب ۽ باقي 32 لک غيرملڪي شامل آهن[8] غيرملڪي ڪل آبادي جو 70 سيڪڙو آھن[9]. 1938ع ۾ ھتي تيل جا ذخيرا دريافت ٿيا. 1946ع ۾ ھن ملڪ پھريون ڀيرو ڪچو تيل برآمد ڪرڻ شروع ڪيو[10][11]. 1946ع کان 1982ع تائين ھي ملڪ وڏي پيماني تي جديديت واري مرحلن مان گذريو. 1990ع ۾ عراق ھن ملڪ تي قبضو ڪري ان کي پنھنجي ملڪ جي ھڪ گورنري جو درجو ڏئي پنھنجي ملڪ ۾ شامل ڪري ڇڏيو جنھن ڪري نار واري جنگ لڳي جنھن ۾ اتحادي فوجن آمريڪا جي سرپرستي ۾ عراق تي حملو ڪيو ۽ ڪويت کي عراقي تسلط مان آزاد ڪرايو[12]. ڪويت جا چين سان بہ ويجھا تعلقات آھن[13][14][15]. ھن ملڪ آئيني خودمختيار رياست آهي جنهن ۾ نيم جمھوري سياسي نظام لاڳو آھي. تيل جي دنيا ۾ ڇھين نمبر تيي پيداوار جي ڪري ھنلڪ جي آمدني تمام مٿين سطح واري آهي. ملڪ جي ڪرنسي ڪويتي دينار آھي جنھن جو قدر تمام اوچو آهي. ملڪ ۾ 1962ع ۾ آئين جو نفاذ ڪيو ويو[16][17][18]

دولت الڪويت

ڪويت
Flag of
{{{coat_alt}}}
جھنڊونسبتي نشان
ترانو: آل نشيد الوطني
قومي ترانو
مڪانيت  ڪويت  (green)
مڪانيت  ڪويت  (green)
جو مقام
گادي جو هنڌ ڪويت سٽي
29°22′N 47°58′E / 29.367°N 47.967°E / 29.367; 47.967
دفتري ٻوليون عربي
نسلي گروھ
  • 40.42% ايشيائي
  • 30.36% ڪويتي
  • 27.29% ٻيا عرب
  • 1.02 آفريڪي
  • 0.39% يورپي
  • 0.52% ٻيا
[1]
مذهب
  • 74.36% Islam (official)
  • 18.17% Christianity
  • 7.47% Other
مقامي آبادي ڪويتي
حڪومت وحداني آئيني بادشاهت[2], with near-absolute political domination of Sabah family
• امير
صباح الاحمد الجابر الصباح
• وزيراعظم
صباح الخالد الصباح
• اسپيڪر قومي اسيمبلي
Marzouq Ali al-Ghanim
مقننه نيشنل اسيمبلي
ڪويت جي تاريخ
• الحاسا جي امارت کان آزادي
1752
• اينگلو-عثمان اجلاس 1913
1913
• يونائيٽيڊ ڪنگڊم سان معاھدن جي تڪميل
19 جون1961
پکيڙ
• جملي
17٬818 km2 (6٬880 sq mi) (152nd)
• پاڻي (%)
negligible
آبادي
• 2018 اندازو
4,621,638[1] (128th)
• 2005 مردم شماري
2,213,403[3]
•  گھاٽائي
200.2 /km2 (518.5 /sq mi) (61st)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$303 billion
• في سيڪڙو
$69,669[4] (8th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$118.271 billion[4] (55th)

حوالا