ڊبلن

ڊَبلن(انگريزي: Dublin )[10] جھموريه آئرلينڊ جو گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي[11][12] جيڪو آئرلينڊ جي اوڀر واري اپسمنڊ جي ڪناري تي لفي ندي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ تي لَينسٽر صوبي ۾ واقع آهي. ان جي ڏکڻ ۾ وِڪلو جبلن جي قطار جو ڊبلن جبل واقع آهي. ان جي شھري علائقي جي آبادي 1,173,179 آھي,[3] جڏھن تہ ڊبلن ريجن جي آبادي 2016 ۾ 1,347,359 ھئي.[13] گريٽر ڊبلن ايريا جي آبادي 2016 جي مردم شماري مطابق 1,904,806 ھئي[14]. ڊبلن شھر آرڪيالاجي ماھرن جي ھڪ خيال مطابق گيئل ماڻھن ستين صدي عيسويءَ ۾ آباد ڪيو ھو[15] نارمن جي حملي بعد ھڪ مکيه آبادي بڻجي ويو[15] شھر تيزي سان وڌندو ويو 1800ع جي يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي ٺھڻ کان اڳ جي شھر برٽش ايمپائر جو ٻيون نمبر وڏو شهر هو. 1922ع ۾ آئرلينڊ جي ورھاست بعد ھي شھر آئرش فري اسٽيٽ جو گاديءَ جو هنڌ ٿيو جيڪا رياست پوء جمھوريه آئرلينڊ ٿي وئي ۽ ڊبلن ان جو گاديءَ جو هنڌ رھيو. ھن شھر کي الفا شھر جو درجو مليل آهي ۽ اھو دنيا جي 30 سڀ کان وڌيڪ بھترين شھرن مان ھڪ آھي[16]

ڊبلن
گاديءَ جو هنڌ
ڊبلن
جھنڊو
}}
قومي نشان
عرفيت: خوبصورت شھر
نعرو: " شھري فرمانبرداري خوشين واري شھر کي جنم ڏئي ٿي"[1][2]
ڊبلن is located in Ireland
ڊبلن
ڊبلن
ڊبلن is located in Europe
ڊبلن
ڊبلن
ڊبلن is located in North Atlantic
ڊبلن
ڊبلن
آئرلينڊ منجھ مقام##يورپ منجھ مقام
جاگرافي بيهڪ: 53°21′N 6°16′W / 53.350°N 6.267°W / 53.350; -6.267 6°16′W / 53.350°N 6.267°W / 53.350; -6.267
ملڪ ريپبلڪ آف آئرلينڊ
صوبو لينسٽر
حڪومت
 • قسم شھري ڪائونسل
 • صدر مقام ڊبلن وارو شھري ھال
 • لارڊ ميئر ھئزل چو (GP)
 • پارليامينٽ جو ھيٺيون ايوان: دائل ائيرن ڊبلن سينٽرل
ڊبلن بي نارٿ
ڊبلن نارٿ ويسٽ
ڊبلن سائوٿ سينٽرل
ڊبلن بي سائوٿ
 • يورپي پارليامينٽ ڊبلن وارو تڪ
پکيڙ[4][5]
 • گاديءَ جو هنڌ 115 ڪ.م2 (44 ميل2)
 • شھري 318 ڪ.م2 (123 ميل2)
آبادي (2016)
 • گاديءَ جو هنڌ 554,554[3]

حوالا