چيل

چيل:

چيل جو وڻ

نالا: ع. شجرهِ الجن، ف. ديودار، هه. وغيره___ چيرچوب، الجن ۽ سيڊرهه.

طب

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: ___، ميل: سـُـنڍ، عيوض: ___-، وزن: ٻورو ساڍا ٽي ماسا روزانو.سڃاڻپ: هي وڏو وڻ ٿيندو آهي، هن جون ڪاٺيون عمارتي ڪم ۾ اينديون آهن.خاصيت: هن جو ٻورو ترن جي تيل ۾ ساڙي تيار ڪجي، پوءِ اهو تيل سوڄ ۽ سور واري هنڌ، عضون جي استرخاءِ ۽ ٻنڌين تي مالش ڪرائجي ته فائدو ٿيندو، نبضن ۽ ٻنڌين کي طاقت ڏيندو. هن جي ٻوري جو ڪاڙهو پيٽ جي سور، دستن ۽ بخارن لاءِ مفيد آهي. سنڍ هن جو تاثير قوي ڪري ٿي.[1]

حوالا