ٿيلس

ٿيلس آف مليٽس( Thales of Miletus), مليٽس وارو ٿيلس: ھڪ ماھر فلڪيات ھو 624 قبل مسيح ۾ ايشيا مائنر يعني موجوده ترڪيءَ ۾ يوناني نوآبادي ۾ پيدا ٿيو کيس مغربي فلسفي جو باني سمجھيو ويندو آھي.، پر ھي سائنس جي ابتدائي ترقيءَ جو محرڪ ھو . کيس پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي رياضي، طبعيات ۽ فلڪيات جو عالم تسليم ڪيو ويو. ھي ھڪ سج گرهڻ جي پيشنگوئي جي ڪري مشھور ٿيو. ان پيشنگوئي سان موجوده ترڪيءَ ۾ موجود درياءَ ھيلائس جي ڪناري تي ميڊيا وارن ماڻهن ۽ لڊيا جي ماڻهن جي وچ ۾ شروع ٿيڻ واري جنگ کي روڪي ڇڏيو ۽ انھن جي پندرهن سالن کان ھلندڙ دشمني ختم ٿي وئي.جنگ شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳي ٿيلز اچي اعلان ڪيو تہ" ديوتا توھان جي جنگ تي ناراض آهن ۽ آھي ڪجهه دير ۾ سج کي غائب ڪري ڇڏيندا ۽ جيڪڏھن توھان جنگ کان توبھ نہ ڪئي تہ ھميشہ لاءِ اوندھ ٿي ويندي".

ٿيلس آف مليٽس
پيدائشت. 624 BC
وفاتت. 546 BC (aged ت. 78)
عهدسقراط کان اڳ واري فلاسافي
علائقومغربي فلسفو
مڪتبه فڪر
  • آئنين / مليسيئن فلاسافي اسڪول ۽ نيچرلزم
شعبه عمل
اهم نظريا
  • Water is the arche
  • Thales' theorem
  • Intercept theorem


ڏينھن جي روشني رات جي اوندھ ۾ بدلجي وئي ۽ ان تبديلي بابت ٿيلز مليٽس پھريان ئي خبردار ڪري ڇڏيو ھو---ھيروڊوٽس

اھڙي طرح سج گرهڻ جي ڪري کين يقين ٿي ويو ۽ جنگ ٽري وئي. سئو سال بعد ھيروڊوٽس ان واقعي کي قلمبند ڪيو. ھن 546 قبل مسيح ۾ وفات ڪئي..[1] ھي مشھور ست يوناني ڏاھن مان ھو. ارسطو کيس يونان جو پھريون فلاسافر سمجھندو ھو.[2][3]ھي پھريون شخص ھيو جنھن دنيا ۽ ڪائنات کي سمجھڻ جي ڏندڪٿائي طريقي جي بدران نظرئي يا مفروضي يا ٻين لفظن ۾ سائنسي طريقي سان سمجھڻ جي شروعات ڪئي. رياضي ۾ ھن پھريون دفعو اھرامن جي اوچائي ۽ پاڻيءَ جي جھازن جي سمنڊ ۾ دوري ماپڻ لاءِ جاميٽري جو استعمال ڪيو.[4]

زندگي

خيال آهي ته ٿيلس شايد مليٽس ۾ 620 قبل مسيح ۾ ڄائو ھوندو.

مليٽس

اٿينز جي قديم ليکڪ اپالوڊورس جي خيال مطابق ٿيلس 625 ق م ۾ ڄائو.[5] [6].[5].[7] قديم يوناني ليکڪن ھن جي وڏن جي نسبت فونيشين سان پڻ ڳنڍي آهي."[8][9][10]

ٿيلس ٿيوريم

Thales' theorem:

حوالا