ٽنڊو محمد خان ضلعو


ٽنڊو محمد خان ضلعو(انگريزي: Tando Muhammad Khan)پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدرمقام ٽنڊو محمد خان شهر آهي. ھن ضلعي جي اتر ۾ حيدرآباد ۽ ٽنڊوالهيار ، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ بدين ۽ اولھ ۾ سجاول واقع آهن. هِن ضلعي ۾ 3 تعلقا : ٽنڊو محمد خان تعلقو، ٽنڊو غلام حيدر تعلقو ۽ بلڙي شاھ ڪريم تعلقو ۽ 28[1] يونين ڪاؤنسلون واقع آهن. ضلعي جي آبادي 2011 ۾ اندازي مطابق 5 لک 8 هزار هئي. 2017ع م آبادي 6،77،228 ھئي[2].

ٽنڊو محمد خان ضلعو
ٽي ايم خان
سنڌ جو ضلعو
Tando Muhammad Khan District
سنڌ جي نقشي ۾ نارنگي رنگ سان ڏيکاريل ٽنڊو محمد خان ضلعو
سنڌ جي نقشي ۾ نارنگي رنگ سان ڏيکاريل ٽنڊو محمد خان ضلعو
ٽنڊو محمد خان ضلعو is located in سنڌ
ٽنڊو محمد خان ضلعو
ٽنڊو محمد خان ضلعو
ٽنڊو محمد خان ضلعو is located in Pakistan
ٽنڊو محمد خان ضلعو
ٽنڊو محمد خان ضلعو
جاگرافي بيهڪ: Tando Muhammad Khan 25°02′N 68°28′E / 25.03°N 68.47°E / 25.03; 68.47 68°28′E / 25.03°N 68.47°E / 25.03; 68.47
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ڊويزن ڊويزن
صدر مقام ٽنڊو محمد خان
حڪومت
 • تعلقا 28
پکيڙ
 • ڪل 1,733.99 ڪ.م2 (669.50 ميل2)
آبادي (2017ع)
 • ڪل 6،77,228
پاڪستان جي نقشي ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جو مقام

تاريخ

ھن ضلعي جي صدر مقام ٽنڊو محمد خان تي اھو نالو مير محمد خان شھواڻي ٽالپر جي نالي تان 1791ع ۾ پيو. ٽالپرن جي دؤر م اھو گوڻي تعلقي جو ڳوٺ ھيو پر برٽش ايمپائر واري دور م ان کي تعلقي جو درجو مليو ۽ ان کي حيدرآباد ضلعي جي حصو بڻايو ويو. ھن ضلعي جو قيام جون 2005 ۾ ٿيو. ضلعي جي قيام وقت پراڻي تعلقي ٽنڊو محمد خان جي ٻن ننڍن شھرن بلڙي شاھ ڪريم ۽ ٽنڊو غلام حيدر کي تعلقي جي حيثيت ڏئي ھن ضلعي م برقرار رکيو ويو. 2011 ۾ جڊيشل ڊسٽرڪٽ جو پڻ قيام عمل ۾ ايو جنھن ذريعي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشنس ڪورٽ قائم ڪئي وئي.ھن جي صدر مقام ٽنڊو محمد خان شھر لاءِ ھيٺين چوڻي مشھور آھي:

ٽنڊو محمد خان، جت معشوقن جو مان

— پھاڪو

انجنيئر عبدالوهاب سهتو لکي ٿو تہ: ميرن جي اڏايل شھر ھجڻ ڪري ٽنڊو محمد خان اندر، معشوقن جو مان وڌيڪ ھو. ڇوتہ مير جتي بہ ھوندا ھا معشوق اتي پھچي ويندا ھئا.[3]

جاگرافي

ھي ضلعو ڏکڻ سنڌ ۾ واقع آهي. ان جي جاگرافيائي بيهڪ 680 15’ 14” کان 680 44’ 2” اوڀرئين لانگيٽيوڊ ۽ 240 45’ 41” کان 250 17’ 8” اترئين ليٽيٽوڊ جي وچ ۾ واقع آهي[4]. ھن ضلعي جي اتر ۾ حيدرآباد ۽ ٽنڊوالهيار ، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ بدين ۽ اولھ ۾ سجاول ۽ ٺٽو واقع آهن. ان جي اتر اولھ ۾ سنڌوندي وھي ٿي. ھن صوبي جي آبھوا ٽيمپريٽ آھي. مئي جون ۍ جولاء جا مھينا ھتي وڌيڪ گرمي وارا ۽ ڊسمبر ۽ جنوري وارا مھينا وڌيڪ سردي وارا ھوندا آھن[5]. ھن ضلعي جي پکيڙ 1733 چورس ڪلوميٽر آهي[6].

آبادي

ھن ضلعي جي 2017 جي آدمشماري مطابق آبادي 6,77,228 آھي جنھن مان ,1785,35 ماڻھو ٻھراڙيءَ ۾ ۽ 1,42,050 ماڻھو شھرن ۾ رھن ٿا[7]. ھن ضلعي ۾ وسندڙ ذاتين م سما، سيد، ٽالپر، سومرا، ميمڻ، لغاري، لاشاري، خاصخيلي، راجپوت، مگسي، رند، چانڊيا، جت، لاکا، جلالاڻي، ڀٽي، شورا، درس، دل، باگراڻي، مھيري، ڪھيري، ملاح، کوسا، ڪاتيار، ترڪ، جگسي، لنڊ، ھاليپوٽا، جماري، مڱڻهار، چانگ، برھماڻي، خواجه، نظاماڻي، شيخ، ڪيريا، عالماڻي، جمالي، سيٺيا، نوناري، سيال، ملاح، بڙدي، بروھي، سولنگي، پليجا، جوکيا، ساند، ڪاٺوڙ، ھندو، عيسائي وغيره شامل آهن[6].

سياسي نظام

ھن ضلعي کي قومي اسيمبليءَ ۾ ھڪ تڪ جي ۽ سنڌ اسيمبلي م ٻن تڪن جي نمائندگي مليل آهي جن م پي ايس 53 ٽنڊو محمد خان ڪم حيدرآباد (پراڻي حيدرآباد 11) ۽ پي ايس 54 ٽنڊو محمد خان ڪم بدين (پراڻي حيدرآباد 12) شامل آهن[8]. 2018 جي چونڊن ۾ پي ايس 53 مان پاڪستان پيپلز پارٽي جو سيد اعجاز حسين شاھ بخاري چونڊجي آيو جيڪو سيد عبدالمجيد شاھ جو پٽ ۽ ٽنڊو محمد خان شھر جي بخاري محلي جو رھاڪو آھي[8]. پي ايس 54 مان پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو عبدالڪريم سومروچونڊجي آيو جيڪو 3 نومبر 1962ع م تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ جھان سومرو م پيدا ٿيو ھو[8]. ان جي والد جو نالو عبدالخالق سومرو آھي. عبدالڪريم سومرو 2008 کان 2013 تائين اڳ بہ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو ھو[8].

انتظامي ورهاست

ٽنڊو محمد خان ضلعي جا تعلقا ۽ انھن جي آبادي
تعلقوپکيڙ
(ايڪڙ)
آبادي
1998[6]
آبادي
2017
ڳوٺ[6]سرڪل[6]تپا[6]ديھون[6]
1ٽنڊو محمد خان تعلقو89,559.031,66,7962,55,6622381729
2ٽنڊو غلام حيدر تعلقو1,33,5311,15,3401,84,65337021255
3شاه ڪريم تعلقو2,06,8461,65,0792,36,91352031776
ڪلٽنڊو محمد خان
ضلعو
4,29,936.034،47،2156,77,2281128636160

يونين ڪاؤنسلون

ٽنڊو محمد خان ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون[9]
#يونين ڪاؤنسل#يونين ڪائونسل#يونين ڪاؤنسل
1شيخ ڀرڪيو2ڊگھ موري3راڄو نظاماڻي
4ٽنڊو سائينداد5شيخ فريد6لاکاٽ
7نانگو شاھ8ملان ڪاتيار9سعيد پور
10قبولپور11سيد متو12الھيار ترڪ
13ڀليڏنو ساٺيو14سعيد خان لنڊ15لال محموداڻي
16حاجي محمد جت17بلڙي شاھ ڪريم18علو ڪاتيار
19جينھڻ سومرو20کوکر21نظرپور
22حاجي سوڀو چانڊيو23غلام شاھ باگراڻي24شاھ واھ (نصير خان چانگ)
25جمال الدين لاشاري26ڏندو27لکي (ميرواھ)
28يوسف خان چانگ (قادر بخش لغاري)----

ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ ھڪ ميونسپل ڪاميٽي ۽ ٻہ ٽائون ڪاميٽيون واقع آهن. ميونسپل ڪاميٽي ٽنڊي محمد خان شھر ۾ واقع آهي جيڪا 19 وارڊن تي مشتمل آهي ۽ ھر وارڊ مان ھڪ جنرل ڪائونسلر سڌي چونڊ وسيلي چونڊجندو آهي. ٽائون ڪاميٽين ۾ ھڪ ٽنڊو غلام حيدر ٽائون ڪاميٽي ۽ ٻي بلڙي شاھ ڪريم ٽائون ڪاميٽي آھي.

معيشت

ھي ضلعو سنڌ جي کنڊ جي پيداوار جو وڏو حصيدار آهي[5]. ھتان جي معيشت زرعي آھي ۽ ھتان جي وڏي صنعت شگر انڊسٽري آھي[6]. سال 2008 ۽ 2009 ۾ ھن ضلعي مان وصول ڪيل روينيو 1،12،69،454 روپيا ھيو[6]. ضلعي م ڪوئلي جي کاڻن جو محور پنج ڪلوميٽر آهي[6]. تيل ۽ گيس جون 3 فيلڊ ۽ 10 کوھ پڻ واقع آهن[6]. ھن ضلعي ۾ ٽنڊو محمد خان شگر مل ٽنڊو محمد خان، سنڌ آبادگار شگر مل دينپور، سيري شگر مل ٽنڊو محمد خان، انصاري شگر مل ٽنڊو غلام حيدر، فاران شگر مل شيخ ڀرڪيو واقع آهن[6]. ضلعي م ھڪ ڪاٽن جننگ پريسنگ فيڪٽري ۽ 20 رائس ملون پڻ واقع آهن[6].2017ع ۾ يورپي يونين طرفان ڪرايل سروي مطابق ھن ضلعي جي 80 سيڪڙو خاندانن جي ماھوار آمدني 10 ھزار کان گھٽ ھئي، 10 سيڪڙو خاندانن جي ماھوار آمدني 10 کان 15 ھزارن تائين ھئي ۽ باقي 10 سيڪڙو جي 15 ھزارن کان مٿي ھئي[10]. سروي مطابق ھتان جي ماڻھن جي سراسري ماھوار آمدني 9,580 ھئي[10]. 89.5 سيڪڙو خاندانن ۾ ڪمائڻ وارو ھڪڙو فرد ھيو ۽ 7.9 سيڪڙو خاندانن ۾ ڪمائڻ وارا ٻہ فرد ھيا[10].

عدالتي نظام

ھن ضلعي جون حدون سنڌ ھاء ڪورٽ جي سرڪٽ ڪورٽ حيدرآباد جي اختيار ۾ اچن ٿيون جنھن ڪري ھاء ڪورٽ جا ڪيس حيدرآباد واري رجسٽري ۾ داخل ٿيندا آهن. ضلعي عدالتن جي نظام ۾ ھتي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ٽنڊو محمد خان شھر ۾ واقع آهي جنھن سان گڏ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جون ٻہ عدالتون پڻ ڪم ڪن ٿيون[11]. اھي عدالتون ساڳي وقت ننڍين عدالتن جو اپيلون پڻ ٻڌنديون آھن. ھتي سينئر سول جج جون ٻہ عدالتن، چار سول ججن جون عدالتون پڻ ٽنڊو محمد خان شهر ۾ ويھن ٿيون [12]. ضلعي ۾ ٽنڊو محمد خان شھر ۾ ھڪ ڪنزيومر ڪورٽ پڻ ڪم ڪري ٿي. ضلعي اندر وڪيلن جي ضلعي بار ايسوسيئيشن پڻ قائم آهي جيڪا سنڌ بار ڪائونسل جي نگراني ۾ ڪم ڪري ٿي.

صحت

ھن ضلعي م سرڪاري سطح تي

ھڪ سول اسپتال،

2 تعلقه اسپتال،

4 رورل هيلٿ سينٽر،

12 بيسڪ هيلٿ يونٽ،

ھڪ چائلڊ مڌر ھيلٿ ڪيئر سينٽر،

20 ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڊسپينسريون ۽

2 يوناني شفاخانه واقع آهن[6]. نجي شعبي ۾ ٽنڊو محمد خان شھر م

ميمڻ چيريٽبل ميٽرنٽي هوم اينڊ چائلڊ ويلفيئر سينٽر،

سميع الشافي اسپتال ۽

ٽي ايم خان ميڊيڪل سينٽر شامل آهن[6].

انڊس ميڊيڪل ڪاليج جي ٽيچنگ اسپتال پڻ ھتي صحت جون خدمتون فراھم ڪري ٿي. دل جي بيمارين جي لاء ھتي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوويسڪيولر ڊزيزز (NICVD) خدمتون فراھم ڪندڙ آھي. 10 سيپٽمبر 2020 کان ان اداري طرفان ٻارن جي دل جي اوپن سرجري جي شروعات ڪئي وئي[13]. ان ڏينھن ڊاڪٽر سھيل خان ۽ ڊاڪٽر سعد بدر ذڪي بدين جي ٻن سالن جي ٻار جي دل جو ڪامياب آپريشن ڪيو [13].

تعليم

ٽنڊو محمد خان م شھيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (زيبسٽ) واقع آهي جنھن جو آغاز 20 مارچ 2010 ۾ ٿيو[6]. ميڊيڪل جي تعليم لاءِ ھتي انڊس ميڊيڪل ڪاليج ۽ ھاسپيٽل واقع آهي.

ثقافت

ھي ضلعو اجرڪ، فراسي ۽ ڪاشي جي سامان جي ڪري مشھور آھي[5].

سياحت

ھن ضلعي م کوڙ تاريخي اھميت وارا ۽ مذھبي سياحت لاء پرڪشش ماڳ آھن. سڀ کان مشھور جاء بلڙي شاھ ڪريم م مشھور شاعر ۽ اولياء شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو جي درگاه آھي جتي ھر سال ميلو لڳندو آھي. ٽنڊو محمد خان شھر کان ڏکڻ طرف 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سعيدپور جي ويجھو ٻڌن جو اسٽوپا، جنھن کي سڌيرڻ جو ٺلھ[14] سڏين ٿا، ۽ جاٽن جو قبرستان واقع آهي جنھن کي مخدوم جو قبرستان پڻ سڏين ٿا. ھن ضلعي ۾ ٻيون سياحتي جايون شاھجھان مسجد، سھراڻي، تعلقا بلڙي شاھ ڪريم، ڍانڊي مسجد يو سي جھان سومرو، مير محمد خان ٽالپر جو مقبرو، ٽنڊو غلام حيدر م بيربل جي جنم ڀومي، درگاھ شيخ ڀرڪيو اچاري، درگاھ ميان محمد اسحاق ملاڪاتيار، درگاھ سائين عبدالفتاح شاھ قابل ذڪر آهن[6].

آبپاشي

ھن ضلعي مان وھندڙ واھن م ڦليلي ڪينال، اڪرم واھ، گوڻي واھ ۽ پنياري ڪينال شامل آهن[6]. ڦليلي ڪينال مان پانڌي واھ، مبارڪ واھ ۽ امام واھ نڪري وھن ٿا. اڪرم واھ مان گاجا واھ، بلڙي ڊسٽري ۽ ڍاٽ مائنر نڪري وھن ٿا. گوڻي ڪينال مان شاھ بخاري مائنر، ڄام واھ، ڪڙيو واھ، ڪندور مائنر، پنجتن مائنر ۽ ماڻڪ واھ نڪري وھن ٿا. پنياري ڪينال مان ميران پور شاخ ۽ ملوڪ شاھ مائنر نڪري وھن ٿا[6]. ان نھري نظام سان ھتان جون زرعي زمينون سيراب ٿين ٿيون.

اھم شخصيتون

ھن ضلعي جون مشھور شخصيتون ھيٺيون آھن:

  • شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو
  • آغا عبدالرحمان جان (مقبرو شريف)
  • سيد عبدالفتاح شاھ بخاري (ٽنڊو سائينداد)
  • ميان حاجي الله اڀايو علوي (سعيدپور)
  • مير محمد خان ٽالپر جنھن جي نالي سان ٽنڊو محمد خان شھر قائم ٿيو.
  • سيد ميران محمد شاھ
  • سيد قمرالزمان شاھ
  • سيد نويد قمر
  • مير غلام علي خان ٽالپر
  • پروفيسر سيد غلام مصطفي شاھ
  • خانبھادر سيد محمد ڪامل شاھ
  • مير غلام الله خان ٽالپر
  • سيد محسن شاھ بخاري
  • پير سعيد جان سرهندي
  • مير اعجاز علي خان ٽالپر
  • عبدالخالق سومرو
  • محمد امين لاکو
  • اي ڊي خواجه
  • ڊاڪٽر سيد نديم قمر
  • امدا حسيني
  • پروانو ڀٽي
  • نورالھدي شاھ
  • محمد ابراهيم منشي
  • مسڪين ملاڪاتياري
  • پير آغا عبدالحميد جان سرهندي

اھم شھر ۽ وسنديون

غير سرڪاري تنظيمون

  • آغاز سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن
  • ڊسٽرڪٽ ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي
  • ھيومن ڊولپمينٽ فائونڊيشن
  • شمع سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن
  • اسٽرينٿننگ پارٽيسپيٽر آرگنائيزيشن
  • انٽيگريٽيڊ ھيلٿ سروس
  • ھيلٿ اينڊ ايجوڪيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن

حوالا