ينار ڊگ

آذربائيجان ۾ باهه جون ٻرندڙ ٽڪريون

يانار دگ ( آذربائيجاني: Yanar Dağ ، معنيٰ ”ٻرندڙ جبل“ هڪ قدرتي گئس باهه آهي جيڪا آذربائيجان (هڪ اهڙو ملڪ جيڪو پاڻ ” باهه جي زمين ، لينڊ آف فائر“) طور سڃاتو وڃي ٿو) جي شهر باڪو جي ڀرسان ڪيسپين سمنڊ تي ابشرون اپٻيٽ ابشيرون اُپٻيٽن جي هڪ ٽڪري تي لڳاتار ٻرندي آهي. سنهڙي، پورس سينڊاسٽون جي تهه مان 3 ميٽر (9.8 ft) هوا ۾ شعلن جي جيٽ اُڏرندي آهي. [1] [2] انتظامي طور تي ، يانار داگ آذربائيجان جي ابشرون ضلعي سان تعلق رکي ٿو.

Yanar Dag
Yanar Dag at night
Yanar Dag at night
Country  آذربائيجان

مٽي جي آتش فشاں جي ابتڙ، يانار داگ شعلو گهڻي تيزي سان ٻرندو آهي، جيئن ان ۾ زميني سطح جي هيٺان گئس جي مسلسل سمڻ شامل آهي. اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته يانار دگ جو شعلو صرف تڏهن ڏٺو ويو جڏهن 1950 جي ڏهاڪي ۾ هڪ ٻڪرار کان حادثاتي طور تي ٻري پيو هيو. [3] هتي مٽي يا پاڻياٺ جو ڪو به سمڻ يا ٽمڻ (سيمو) ناهي، جيڪو ڀرسان واري لوڪباتان يا گوبستان جي ويجهي مٽيءَ جي ٻرندڙ جبلن کان مختلف هجي.

يانار داگ جي سرزمين تي، رياست جي تاريخي ثقافتي ۽ نيچرل رزرو 2 مئي 2007 جي صدارتي فرمان ذريعي قائم ڪئي وئي جيڪا آذربائيجان جي رياستي سياحت واري ايجنسي جي انتظام هيٺ هلندي آهي. 2017-2019 جي وچ ۾ وڏي چڪاس کانپوءِ ، ياناردگ ميوزيم ۽ ياناردگ ڪروملچ پٿر جي کوٽائي رزرو علائقي ۾ شروع ڪئي وئي هئي. [4] [5]

جاگرافي

روڊ جي پاسي واري ٽڪري تي يانار دگ (ٻرندڙ جبل) جو ڏيک

يانار دگ جي باهه ڪڏهن به وسامندي ناهي. هن کليل باهه واري جڳهه جي چوڌاري وايومنڊل گئس جي ڌپ سان ڀريل آهي. پهاڙي جي هيٺان 10 ميٽر (33 ft) اوچائي تائين 10 ميٽر (33 ft) اسڪرپ جي بنياد تي شعلن جي پٿر جي شڪلين ۾ گدلاڻ پکيڙي رهي آهي (ٻين مختلف شڪلين جو ذڪر ٻين حوالن ۾ ڪيو ويو آهي) ۽ 10-ميٽر-wide (33 ft) ٽڪريءَ جي هيٺان تيزي سان اُڀرندا آهن. [1] یانار داگ کي آذربائيجان جي جيولوجيڪل سروي (ارضياتي سروي آذربائيجان) پاران "اثرائتو شعلا، 1 ميٽر (3 فوٽ 3 انچ) اونچائي ۾، 2–4 ميٽر اونچائي (6.6–13.1) جي بنياد سميت 15 ميٽر (49 فوٽ) ۽ 200 ميٽر ڊگهي (660 فوٽ) ٽيڪٽونڪ سڪريپ تائين اُڀرندڙ قرار ڏنو آهي."[6] زمين جي هيٺان مستحڪم گيس جي نڪرڻ سان مٿاڇري جي شعلن جو نتيجو ڪري ٿو. [7] [8] [9]

ايستائين ته يانار دگ جي باهه جي ويجهي وهڪرن جو مٿاڇرو پڻ هڪ ماچس جي تيلي سان ڀڙڪي سگهي ٿو.اهي وهڪرا، جيڪي ٻي صورت ۾ پرسڪون نظر اچن ٿا، ينار بلق: ”سڙندڙ چشما“ جي نالي سان مشهور آهن. ولاسڪي ندي جي ڀرپاسي ۾ ڪيترائي اهڙا چشما آهن، جتي مقامي ماڻهو علاج لاءِ وهنجندا (شنان ڪندا) آهن. [1] [10]

اليگزينڊرا ڊوماس پنهنجي هڪ دوري دوران ٻُڌايو ته، ساڳئي طرح جي باهه جيڪا هن علائقي جي ارد گرد ٺهيل زاروسترين جي باهه جي مندر جي اندر پڻ ڏٺي آهي. دنيا ۾ اڄڪلهه باهه وارا جبل رڳو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا موجود آهن، ۽ انهن مان گهڻي ريت آذربائيجان ۾ آهن. ابيشرين اُپٻيٽ جي تري (تَهه) ۾ قدرتي گيس جي وڏي مقدار جي ڪري، سڄي آڳاٽي زمانو ۾ قدرتي شعلا اتي ٻري ويا ۽ تاريخي ليکڪن جهڙوڪ مارڪو پولو طرفان ان جي اطلاع ڏنو هيو.[1] [10]

گهڻا مٽيءَ جا ٻرندڙ جبل باڪو ـ شمامکا روڊ کان 40 ڪلوميٽر (25 ميل) شهر کان پري موجود آهن. [11] [12]

ڪارڻَ

ينار دگ جو سڙڪ طرف وارو ڏيک


گيلري


پڻ ڏسو

باب Azerbaijan

حوالا