هنڊوراس

ھونڊوراس يا ھنڊورس : (انگريزي: Honduras ) (Listeni/hɒnˈdjʊərəs/) [5] Spanish: [onˈduɾas] (About this sound ٻڌو)), جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف ھونڊوراس آهي، وچ آمريڪا ۾ واقع هڪ ملڪ آهي جنھن جون سرحدون اولھ ۾ گوئٽي مالا سان، ڏکڻ-اولھ ۾ ايل سلويڊور سان، ڏکڻ-اوڀر ۾ نڪاراگوا سان ، ڏکڻ ۾ فونسيڪا واري نار وٽ پيسفڪ سمنڊ سان ملن ٿيون. ۽ اتر ۾ ھونڊوراس جي نار سان ملن ٿيون. ھي ملڪ سورھين صدي ۾ اسپيني بيٺڪيت بڻجڻ کان اڳ ڪيترين ئي ميسوآمريڪي تھذيبن جو مرڪز رھيو ھو جن ۾ سڀ کان مشهور مايا واري تھذيب آھي. اسپين اتي رومن ڪيٿولڪ عقيدو ۽ اسپيني ٻولي سميت ڪيتريون ئي ريتون متعارف ڪرايون جيڪي مقامي ثقافت سان رلي ملي ويون. 1821 ۾ آزاد ٿيندڙ ھي ملڪ تڏهن کان وٺي ھڪ ريپبلڪ رھيو آھي. ان جو اڃان تائين شمار غريب ملڪن ۾ ٿئي ٿو. 1960 ۾ بين الاقوامي انصاف واري عدالت جي فيصلي مطابق ان جي اترئين پاسي ۾ ماسڪئيٽو وارو سامونڊي ڪنارو کيس نڪاراگوا کان مليو.[6] ملڪ جي معيشت زرعي آھي جيڪا قدرتي آفتن جو شڪار ٿيندي رھي ٿي . 1998 وارو مچ نالي سامونڊي طوفان ان جو ھڪ مثال آهي. عام ماڻھو جو تعلق زرعي پوکي سان آهي. دولتمند ماڻھو شھرن ۾ رھندڙ آھن. ھن ملڪ جي انساني ترقي جي اشاريي جي شرح 0.625 آهي جنھن ڪري ان جو شمار وچولي ترقي وارن ملڪن ۾ ٿئي ٿو. ھتان جو سماج گھڻي ڀاڱي ميسٽيزو ماڻهن جو آهي. ان سان گڏوگڏ اتي آمريڪي انڊين، ڪارا ۽ گورا پڻ رھندڙ آھن.

ريپبلڪ آف ھونڊوراس

ريپبلڪا ڊي ھونڊوراس (اسپيني ٻولي)
Flag of ھونڊوراس
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
شُعار: '
  • "Libre, Soberana e Independiente" ([[اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

    Spanish language|اسپينش ، هسپانوي يا اسپيني ٻولي

    Spanish]])
  • "آزاد، بااختيار ۽ خودمختيار"
ترانو: "ھيمو نيسيونل ڊي ھونڊوراس"
"ھونڊوراس جو قومي ترانو"
Location of ھونڊوراس
جو مقامھونڊوراس
گادي جو هنڌ ٽيگوسيگالپا
14°6′N 87°13′W / 14.100°N 87.217°W / 14.100; -87.217
سڀ کان وڏو شهر ٽيگوسيگالپا
دفتري ٻوليون اسپيني
نسلي گروھ ( )
  • 90% ميسٽيزوa
  • 7% آمريڪي انڊين
  • 2% افرو-ھونڊورين
  • 1% گورا
مقامي آبادي
  • ھونڊورين
  • ھونڊوريائي
  • ڪيٽراڪو
حڪومت وحدانيصدارتي ريپبلڪ
• صدر
جوئان آرلنڊو ھرنانڊيز
• نائب صدر
رڪارڊو الوئريز آريئاس
•  نيشنل ڪانگريس جو صدر
مارسيئو اوليوا
مقننه نيشنل ڪانگريس
آزادي
• اعلان b اسپينکان
15 سيپٽمبر 1821
• اعلان
پھرين ميڪسيڪن ايمپائر کان
1 جولائي 1823
• اعلان: ھونڊوراس جي حيثيت ۾ ، فيڊرل ريپبلڪ آف سينٽرل آمريڪا کان
5 نومبر 1838
پکيڙ
• جملي
112٬492 km2 (43٬433 sq mi) (101st)
آبادي
• 2016 اندازو
9,112,867[1] (95th)
• 2007 مردم شماري
7,529,403
•  گھاٽائي
64 /km2 (165.8 /sq mi) (128th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$49.010 ارب ڊالر [2] (104th)
• في سيڪڙو
$5,817[2] (133rd)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$23.835 ارب ڊالر [2] (108th)

حوالا