نيو دھلي(انگريزي: New Delhi ) انڊيا جي نيشنل ڪيپيٽل ٽيريٽري جي شھر دھلي جو ھڪ حصو جيڪو انڊيا جو گاديءَ جو هنڌ آهي.[4][5] ھن نئين شھر جو پيڙھ جو پٿر جارج پنجين دھلي جي دوري دوران 1911 ۾ رکيو.[6] ھن شھر جو نقشو برطانيا جي آرڪيٽيڪٽ ايڊون لچنس (Edwin Lutyens) ۽ ھربرٽ بيڪر ٺاھيو. ھن نئين گاديءَ جي ھنڌ جو افتتاح 13 فيبروري 1931 ۾ گورنر جنرل ۽ وائسراءِ لارڊ ارون (Lord Irwin) ڪيو.[7] اڪثر دھلي ۽ نيو دھلي کي ماڻھو ساڳيو انڊيا جو گاديءَ جو هنڌ سمجھندا آھن پر حقيقت ۾ نيو دھلي دھلي شھر جو حصو ھوندي نيشنل ڪيپيٽل ٽيريٽري آف دھلي ۾ ھڪ الڳ حيثيت رکندڙ شھر آھي جيڪو انڊيا جي وفاق جي گاديءَ جو هنڌ آهي.