ميڊيا ٽائيپ(انگريزي: media type ) جنھن کي شروع ۾ ايم آء ايم اي ٽائيپ يا ملٽي پرپز انٽرنيٽ ميل ايڪسٽينشن (Multipurpose Internet Mail Extensions)(انگريزي: MIME type)چوندا ھيا.[1] انٽرنيٽ تي منتقل ٿيندڙ فائيل فارميٽ ۽ فائيل جي جزن کي ٻٽي سڃاڻپ ڪندڙ آھي.انھن جي درجہ بندي جي اشاعت ۽ معيار برقرار رکڻ لاءِ انٽرنيٽ اسائينڊ نمبرز اٿارٽي (Internet Assigned Numbers Authority) يا آء اي اين اي (IANA) ھڪ متعلقه اختياري آهي. ميڊيا ٽائيپس جي وضاحت نومبر 1996 ۾ رڪئيسٽ فار ڪمينٽس 2045 ۾ ملٽي پرپز انٽرنيٽ ميل ايڪسٽينشن جي خصوصيتن جي حصي طور ٿيل آهي جيڪو برقي-ميل (email) جي ميسيج جي متن ۽ شاملات جي نمونن کي ظاھر ڪندڙ آھي.[2] ان ڪري ميڊيا ٽائيپ ٻين انٽرنيٽ جي پروٽوڪولن لاء پڻ استعمال ٿيندو آهي مثال طور: ايڇ ٽي ٽي پي(HTTP)،[3] ۽ ڊاڪيومينٽ فائيل فارميٽ مثال طور:ايڇ ٽي ايم ايل (HTML)، ,[4]