مينار پاڪستان

مينار پاڪستان :(انگريزي: Minar-e-Pakistan ) پاڪستان جي شھر لاھور ۾ واقع ھڪ مشھور قومي يادگار جو نالو آهي .[1] ھن مينار جي اڏاوت 1960 ۾ شروع ٿي ۽ 1968 ۾ مڪمل ٿي ۽ ھي مينار ان جاء تي تعمير ڪيو ويو جتي آل انڊيا مسلم ليگ جي ٽي روزہ ڪانفرنس جي اجلاس ۾ 23 مارچ 1940 ۾ پاڪستان جو ٺھراء منظور ڪيو ويو جنھن ذريعي برٽش انڊيا جي حڪومت کان پھريون ڀيرو مسلمانن لاء ھڪ علحدہ رياست جو مطالبو ڪيو ويو ۽ جيڪا رياست بعد ۾ 14 آگسٽ 1947 ۾ پاڪستان جي صورت ۾ قائم ٿي.

مينار پاڪستان
مينار پاڪستان is located in Lahore
مينار پاڪستان
مينار پاڪستان is located in Pakistan
مينار پاڪستان
لاھور ۾ مقام
عام معلومات
رتبوپاڪستان جو قومي مينار
قسمھڪ عوامي يادگار
مڪانيتلاھور, پنجاب، پاڪستان
 پاڪستان
مڪانيت31°35′33″N 74°18′34″E / 31.5925°N 74.3095°E / 31.5925; 74.3095 74°18′34″E / 31.5925°N 74.3095°E / 31.5925; 74.3095
اڏاوت شروع ٿيڻ جي تاريخ23 مارچ 1960
مڪمل ٿيل21 آڪٽوبر 1968
اوچائي
ڇت62 ميٽر (203 ft)
ڊزائن ۽ تعمير
آرڪيٽيڪٽنصيرالدين مورت خان
بناوٽي انجنيئرعبدالرحمان نيازي
سروسز انجنيئرميان عبدالغني
مک ٺيڪيدارميان عبدالخالق ڪمپني

مينار جي اڏاوت

ھن مينار جي اڏاوت جو نمونو ۽ اڏاوت جي تعميراتي نگراني روس ۾ ڄاول پاڪستاني ماھر تعميرات ۽ سول انجنيئر نصيرالدين مورت خان ڪئي. [2] مينار جي پيڙهه جو پٿر 23 مارچ 1960 تي رکيو ويو. مينار جو نمونو مغل فن تعمير ۽ جديد فن تعمير جو سنگم آھي. ان جي تعمير ۾ اٺ سال لڳي ويا ۽ 21 آڪٽوبر 1968 تي ٺھي راس ٿيو. ان جي تعمير ۾ 7,058,000 روپيا خرچ ٿيا جيڪي ويسٽ پاڪستان صوبي جي بجٽ مان ادا ڪيا ويا.

مينار جي بناوٽ

مينار جو بنياد وارو چبوترو زمين کان 8 ميٽرن تائين اوچو آهي جنھن جي مٿان 62 ميٽر ڊگھو مينار اڏيل آھي اھڙي طرح زمين کان ان جي اوچائي 80 ميٽر يا 240 فٽ آھي. مينار جو ان چبوتري تي9 ميٽرن تائين حصو ھڪ کليل گل جو نمونو ظاھر ڪري ٿو.[3] ھن مينار جي اڏاوتي ڪميٽي جي رڪنن ۾ لاھور جي ڊپٽي ڪمشنر مختيار مسعود پڻ شامل ھيو جيڪو ناليوارو ليکڪ پڻ ھيو. ھن مينار جي آرڪيٽيڪٽ مورت خان، اڏيندڙ ڪمپني:. ميان عبدالخالق ۽ ڪمپني ، خدمتن وارو انجنيئر ميان عبدالغني ٻين مشھور عمارتن اڏڻ ۾ بہ نالو ڪمايو جن ۾ لاھور وارو قذافي اسٽيڊيم ۽ بي آر بي ڪئنال پڻ شامل آهي. ھن مينار جي بنياد تي ڏھ سفيد رنگ جون اڪريل عبارتن واريون سنگمرمر جون تختيون لڳل آھن جن تي پاڪستان جو ٺھراء انگريزي، اردو ۽ بنگالي ٻولي ۾ لکيل آھي. ان کان سواءِ انھن عبارتن ۾ دھلي وارو ٺھراء جيڪو 9 اپريل 1946 ۾ پاس ٿيو.ان کان سواءِ قرآن جون آيتون. خدا جا 99 نالا، اردو ۽ بينگالي ٻولي ۾ پاڪستان جو قومي ترانو، محمد علي جناح جي تقريرن جا ٽڪرا ۽ ڪجهه علامہ اقبال جا شعر گلن وارين عبارتن ۾ لکيل آھن.

حوالا