معريٰ نظم (Blank Verse) انگريزي ۾ بلئنڪ ورس جي لفظي معنيٰ آهي ”خالي/سکڻو/معريٰ نظم“. اصطلاحي معنيٰ موجب اهو نظم جنهن ۾ قافيو نہ هجي يا ان جي پابندي نہ هجي. پابند ۽ معريٰ نظم هڪ ٻئي جي ابتڙ ٿيا يعني پابند نظم ۾ قافيو ضروري آهي ۽ معريٰ نظم ۾ قافيي جي آزادي آهي. سنڌي شاعري ۾ مروج ٿيل آزاد نظم [1]به معريٰ نظم جو هڪ نمونو آهي. [2][3]