لاھور

پنجاب جي گادي جو هنڌ

لاھور (انگريزي: Lahore ) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي. آبادي ۽ پکيڙ ۾ ڪراچي کان پوءِ پاڪستان جو ٻيون نمبر سڀ کان وڏو شهر آهي. آبادي م دنيا جو 26ھون وڏو شھر آھي[7]. پاڪستان جو ٻيو نمبر وڏو مالدار شھر آھي. ان جي مساوي قوت خريد واري جي ڊي پي جو تخمينو 2019 ۾ 84 ارب ڊالر ھيو[8][9] ھي شھر پنجاب جو تاريخي ثقافتي مرڪز آهي[10][11][12][13] ۽ پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪَ معاشرتي اعتدال پسندي[14] ترقي پسند خيالن وارو[15] ڪاسموپوليٽن شھر آھي[16] ھي شھر پاڪستان جي دل سڏبو آهي. ننڍي کنڊ ۾ ھڪ مشھور چوڻي ھئي تہ: جنھن لاھور نہ ڏٺو آھي اھو پيدا ئي نه ٿيو آھي. ون يونٽ واري دؤر (1956ع کان 1970ع تائين) ۾ ھي شھر مغربي پاڪستان جو گادي جو ھنڌ رھيو.

لاھور
لہور
لاہور
ميٽروپولس
مٿان ساڄي پاسي کان: لاھور جو قلعو، شاليمار باغ، لاھور جو عجائب گھر، بادشاھي مسجد، قائد اعظم لائبريري، مينار پاڪستان .
مٿان ساڄي پاسي کان: لاھور جو قلعو، شاليمار باغ، لاھور جو عجائب گھر، بادشاھي مسجد، قائد اعظم لائبريري، مينار پاڪستان .
لاھور is located in Punjab, Pakistan
لاھور
لاھور
لاھور is located in Pakistan
لاھور
لاھور
لاھور is located in Asia
لاھور
لاھور
پاڪستان جي پنجاب ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 31°32′59″N 74°20′37″E / 31.54972°N 74.34361°E / 31.54972; 74.34361 74°20′37″E / 31.54972°N 74.34361°E / 31.54972; 74.34361
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو پنجاب، پاڪستان پنجاب
ضلعو لاھور
ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن 2013
نالو پيو Lava[1]
شھري ڪائونسل پاڪستان
شھر 10
حڪومت
 • ميئر مبشر جاويد
 • ڊپٽي ميئر لاھور جا 9 زونل ميئر
پکيڙ[2]
 • ڪل 550 ڪ.م2 (210 ميل2)
بلندي 217 ميل (712 ft)
آبادي (2017ع)[3]
 • ڪل 11,126,285


لاهور جي شاهي قلعي جو عالمگيري دروازو

لاھور جو پاڪستاني ثقافتي تي ڳوڙهو اثر رھيو آھي[10]. اھو پاڪستان جي اشاعتي صنعت ۽ ادب ۽ تعليم جو مرڪز رھيو آھي[17] ھتي پاڪستان جون ھراول درسگاهون واقع آهن[18] ھي شھر پاڪستان جي فلمي صنعت جو پڻ مرڪز آھي جنھن کي لاليووڊ پڻ لاھور جي نسبت سان سڏيو ويندو آهي. شھر پاڪستان ۾ قوالي جو پڻ مرڪز آھي[19] شھر پاڪستان م سياحت جي صنعت جو پڻ اھم مرڪز آھي[19][20] اتي لاھور جو ڪوٽ وارو حصو، مشھور بادشاھي مسجد، وزير خان مسجد، سکن جون مختلف زيارتن واريون جڳھون، صوفي اوليائن جون درگاهون، شاھي قلعو، شاليمار باغ نہ رڳو سياحن جي توجھ وٽان آھن پر انھن مان اڪثر يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنل آھن.[20]

نالو

لاھور جي نالي جي ابتدا ڪيئن ٿي اھو اڃان تائين واضع ٿي نہ سگھيو آهي. مسلمانن اتي آمد بعد ان شھر کي لھوار، لھار ۽ رھوار سڏيو[21] البيروني پنھنجي يارھين صدي واري ھڪ لکڻي ۾ ھن شھر لاء لھاوار نالو استعمال ڪيو[21]. امير خسرو ان شھر لاءِ لھانور لفظ استعمال ڪيو[22] ياقوت الھماوي پنھنجي لکڻي ۾ ھن شھر جو نالو لَوھُور ۽ لھاور لکيو[23] راجپوتن جي ذريعن ھن شھر جو نالو لاوڪوٽ استعمال ڪيو.[22] ھڪ خيال مطابق لاھور لفظ رواور لفظ جي ھڪ بگڙيل صورت آهي ڇوته سنسڪرت جي نالن مان اکر ر جي ل ۾ بگاڙ عام ھئي[24] ويدن ۾ راوي ندي لاءِ اراوتي ندي جو لفظ ڪتب آيل آھي جيڪو لڳي ٿوته اڳتي ھلي ارياتياور طور اچارجڻ لڳو[24][25] ھڪ ٻئي خيال مطابق اھو لفظ لوھار مان نڪتل آهي[26]. ھندن جي رامائڻ جي داستاني روايت ۾ لاوا واري شھر جو ذڪر ٿيل آهي ۽ خيال آهي ته لاھور اصل ۾ لاوپور يا لاواپوري لفظ مان نڪتل آهي[27][28][29] رامائڻ مطابق لاوا شھر جو بنياد شھزادَي لاوا رکيو ھو[30] جيڪو سيتا مان رام جو پٽ ھيو. قصور شھر لاء پڻ ساڳي روايت بيان ڪئي وڃي ٿي (جيڪو دراصل مغلن جي دور ۾ افغانين اڏايو ھيو)[31] ته ان لاوا جي جاڙي ڀاء ڪشا جو نالو قصور شھر تي پيو جيڪو بگڙي قصور ٿيو[32]

تاريخ

لاھور واري قلعي لڳ لاوا مندر جيڪو سکن جي دور سان تعلق رکندڙ آهي[33] ۽ ھندو ديوتا لاوا لاء ارپيل آھي

ھندو روايتن مطابق سورياونسي گھراڻي جو باني ڪينيڪسين ھن شھر مان لڏي آيل ھيو[34] لاھور جو آڳاٽي دور وارو رڪارڊ ڪانہ ٿو ملي سڪندراعظم جي مؤرخن سندس 326ق م ۾ ھتي حملي ڪرڻ واري دور ۾ ھن شھر جي ھجڻ جو ڪوبه ذڪر نہ ڪيو آهي جنھن مان لڳي ٿو ته اھو يا تہ اڃان قائم نہ ٿيو ھو يا وري غيرمعروف ھيو.[35] ٽالمي پنھنجي نقشن واري گزيٽيئر جاگرافيا ۾ چناب ۽ راوي لڳ لابوڪلا شھر ھجڻ جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو شايد قديم لاھور يا موجوده لاھور واري جاء تي اڳوڻو شھر ھجي[36] چيني سياح ژوئانژينگ 630ع ۾ ھن علائقي جي سفر دوران ھڪ شاداب شھر جو نالي کان سواءِ ذڪر ڪيو آهي جيڪو شايد لاھور ھجي[37] لاھور جي نالي جي ذڪر وارو سڀ کان پھريون مسودو حدود العالم آھي جيڪو 982ع جو لکيل آهي[38] جنھن ۾ لاھور جو متاثر ڪندڙ مندرن، وڏين بازارن ۽ وڏن باغن واري شھر طور تذڪرو ٿيل آھي[39][40]آنندپال واري ھندو شاھي (ڪابل شاھي) ايمپائر واري دور م لاھور پنجاب جي گادي ھيو. آنندپال گادي کي وائھند مان اتي منتقل ڪيو ھو[41] ان کان بعد محمود غزنوي جي ڪاھن جي ڪري گادي لاھور مان سيالڪوٽ منتقل ڪئي وئي[37].

غزنوي دور

يارھين صدي عيسويءَ واري غزنوي دور ۾ لاھور ۾ رھندڙ بزرگ علي ھجويري المعروف داتا گنج بخش جي مزار

افغاني سلطان محمود غزنوي حملو ڪري ھن شھر واري علائقي تي قبضو ڪري غزنوين جي راڄ جي شروعات ڪئي ۽ شھر انھن جي ايمپائر جي ٻيون نمبر گادي بڻجي ويو[37] 1021ع ۾ سلطان محمود غزنوي پنھجي مشھور غلام ملڪ اياز کي اتان جو گورنر مقرر ڪيو. 1034ع ۾ ملتان جي باغي گورنر نيئالتگين لاھور تي قبضو ڪيو. 1036 ۾ ملڪ اياز سندس فوج کي شھر مان تڙي ڪڍيو[42] پر شھر تباھ ٿي چڪو ھو ۽ ان جو حفاظتي ڪوٽ حملي ۾ ڊھي چڪو ھو. سلطان ابراهيم غزنوي جي مدد سان اياز شھر جي نئين سر تعمير ڪئي ۽ کيس ٻيھر آباد ڪيو. 1037 کان 1040ع تائين ملڪ اياز شھر کي ڪوٽ ڏياري وري قلعي ۾ تبديل ڪيو[43]. اياز جي گورنري دوران 1043 کان 1044ع تائين وري ھي شھر ھندو شھزادن جي ڪنفيڊريشن طرفان محاصري ھيٺ رھيو[37] ملڪ اياز جي دؤر ۾ شھر ثقافتي ۽ تعليمي مرڪز بڻجي ويو ۽ شاعري جي ڪري شھر جو چرچو رھيو[44][45]. 1152ع ۾ خسرو شاھ جي دؤر ۾ لاھور کي باقاعده اوڀر واري غزنوي ايمپائر جو گادي وارو شھر بڻايو ويو[46][47]. 1163ع ۾ غزني شھر کسجي وڃڻ بعد ھي شھر پوري غزنوي ايمپائر جو اڪيلو گادي وارو شهر بڻجي ويو[48] غزنوي دور وارو سڄو شھر موجوده لاھور جي شاھ عالمي بازار جي اولھ واري ۽ ڀٽي گيٽ جي اتر واري علائقن تي مشتمل ھيو[46].

مملوڪن وارو دؤر

1187ع ۾ غورين لاھور تي قبضو ڪيو[37] جنھن سان غزنوين جي ھن شھر تان حڪومت ختم ٿي. 1206ع ۾ سلطان معزالدين محمد غوري جي قتل بعد لاھور ھندوستان واري مملوڪ گھراڻي جي سلطنت جو گادي جو هنڌ بڻايو ويو. مملوڪ يا غلام گھراڻي جي سلطان قطب الدين ايبڪ لاھور شھر ۾ ترڪستان، عظيم خراسان، فارس ۽ دجلا۽ فرات واري وادين جي شاعرن ۽ عالمن ھن شھر جو رخ ڪيو. ان دور ۾ فارسي ٻولي وارا شاعر فارس ۽ خراسان جي شھرن کان بہ وڌيڪ تعداد ۾ لاھور شھر ۾ ھيا[49][50]. قطب الدين ايبڪ جي وفات بعد غوري ڪارندن جي پاڻ ۾ تڪرار ٿيڻ بعد 1217ع ۾ مختصر وقت ملتان جي گورنر ناصر الدين قباچه اتي قبضو ڪيو پر پوء دھلي جي مملوڪ سلطان التمش قبضو واپس ورتو [37]چنگيز خان جڏھن موجوده ازبڪستان ۾ خوارزم تي چڙھائي ڪئي تي اتان جو حاڪم جلال الدين منڪبرني اتان ڀڄي پنجاب آيو ۽ 1223ع ۾ مقامي کوکرن جي مدد سان لاھور تي قبضو ڪيو[37]. 1228ع م التمش جي فوج کانئس قبضو واپس کسيو تہ جلال الدين اتان نڪري اچ تي قبضو ڪيو[37]. منگولن جي حملن جي خدشن سبب گادي کي مملوڪ سلطانن دھلي منتقل ڪيو جيڪا انھن حملن کان محفوظ جاء ھئي.[51]. باوجود ان جي لاھور ننڍي کنڊ ۾ اسلامي ثقافت جو وڏو مرڪز رھيو[51]. دھلي ۾ التمش جي وارثن جي حڪومت دوران لاھور واري گورنري دھلي جي اثر م گھٽ رھي[37] ڪبير خان اياز جي دؤر ۾ لاھور لڳ ڀڳ خودمختيار علائقو ھيو[37] 1241ع ۾ منگولن ھن شھر تي حملو ڪري ڦرلٽ ڪئي ۽ شھر کي تباھ ڪري ڇڏيو[52] منگولن پنھنجي ھڪ سردار تغرل جي حاڪميت ۾ شھر تي ڪجهه سال قبضو برقرار رکيو[53] [51]. 1266ع ۾ غياث الدين بلبن شھر کي ٻيھر فتح ڪيو. 1287 م منگولن وري تيمور خان جي حاڪميت ۾ اتر پنجاب تي قبضو ڪيو اھڙي طرح لاھور ھڪ سرحدي علائقو بڻجي ويو[51] ۽ منگولن جي حملن ڪري لاھور جي علائقي جو انتظامي مرڪز ديپالپور کي بڻايو ويو[37] 1305ع م منگولن وري لاھور تي حملو ڪيو[54]

حوالا