قومي عوامي تحريڪ

سنڌي قومپرست تنظيم

قومي عوامي تحريڪ (انگريزي ۾ Sindhi People's Movement) پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ هڪ مارڪسي-ليننسٽ-مائوسٽ سياسي پارٽي آهي ۽ ان جي صدر دفتر حيدرآباد ۾ آهي. عوامي تحريڪ جو بنياد 5 مارچ 1970ء تي رسول بخش پليجو وڌو. هن پارٽي جو هيڊڪوارٽر پليجو هائوس،قاسم آباد،حيدرآباد،سنڌ ۾ آهي.[1]

سنڌ ۾ عوامي تحريڪ جو جھنڊو

وجود

Awami Tahreek (Sindh) flag

عوامي تحريڪ 5 مارچ 1970 تي حيدرآباد، سنڌ ۾ رهندر قانون دانن، ليکڪن ۽ دانشورن ٺاهي، هن پارٽي جو پهريون چيئرمين رسول بخش پليجي کي ٺاهيو ويو.

تاريخ

هن پارٽي سدائين سنڌي عوام جي حقن جي لاءِ جاکوڙ ڪندي رهي آهي هن ماضي ۾ مختلف تحريڪن ۾ حصو ورتو جنهن جا نالا هيٺ ڏنا وڃن ٿا.

  • نيلام بند ڪيو تحريڪ
  • سنڌي ووٽر لسٽ تحريڪ
  • ايم آر ڊي
  • صحافي تحريڪ
  • مخالف شهڙي دهشتگردي تحريڪ
  • ڪالا باغ ڊيم تحريڪ
  • ٿل ڪينال تحريڪ
  • مهاجر صوبو

نظريو

قومي عوامي تحريڪ سرمائيدار نظام، فوجي حڪومت، سامراجن، آمريت، دهشتگردي، لا قانونيت، ڪرپشن، نسل پرستي هنن جي خلاف هميشه سخت رويو رکيو آهي. عوامي تحريڪ هميشه پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ چاهيو آهي هن هميشه هنڌون،عيسائين ء يهوڊين کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

پارٽي جو صدر

هن پارٽي جو موجوده صدر اياز لطيف پليجو آهي.

سياسي تحريڪ

موجوده دور ۾ عوامي تحريڪ مهاجر صوبو جي مسئلي تي سڃي سنڌ ۽ بين الاقوامي سطح تي سڏ بلند ڪري رهي آهي.

پڻ ڏسندا

حوالا