فلسطين

فلسطين (انگريزي: Palestine ) يا فلسطيني رياست (انگريزي: State of Palestine ) ايشيا جي اولھ پاسي ھڪ عرب رياست جو نالو جنھن کي دنيا جي کوڙ ملڪن ھڪ خودمختيار رياست طور تسليم ڪري چڪا آھن. ان جي خودمختياري جو اعلان فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن ۽ فلسطين نيشنل ڪائونسل طرفان 15 نومبر 1988 ۾ ڪيو [1][2]

فلسطين

فلسطيني رياست
Flag of
{{{coat_alt}}}
جھنڊونِسبتي نشان
ترانو: 
فدائي
Location of
گادي جو هنڌ
سڀ کان وڏو شهر یروشلم (اعلان)
غزہ (درحقیقت)a
دفتري ٻوليون عربي
حڪومت قانون مطابق پارلیماني نظام[3] تعميل ھيٺ حقیقت ۾ نیم صدارتي
• صدر
محمود عباسb
• وزیراعظم
رامي حمداللہ
• اسپيڪر
سليم الزعنون
مقننه فلسطیني قومي ڪائونسل
خودمختياري تڪرار ھيٺ اسرائیل کان
• آزادي جو اعلان
15 نومبر 1988
• گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد
29 نومبر 2012
• فلسطیني قومي عملداري کان تبديل ٿي
3 جنوری 2013
• اسرائیل کان تسليم ٿيل
غير مؤثر  [4][5]c[iii]
پکيڙ
• جملي
6٬220 km2 (2٬400 sq mi)
  • اولھندو ڪنارو: 5,860 km2
  •     مردار سمنڊ: 220 km2 [6]
  • غزہ جي پٽي: 360 km2 [7]
آبادي
• 2010 (جولاء) اندازو
4,260,636[حوالو گهربل]a (124 ھون)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2008a لڳ ڀڳ
• ڪل
$11.95 ارب يو ايس ڊالرa (–)
• في سيڪڙو
$2,900a ()

تفصيل


ڳاڙهي رنگ ۾ فلسطين جي رياست ڏيکاريل (ساڄي پاسي درياء اردن جو اولھندو ڪنارو ۽ کاٻي پاسي رومي سمنڊ تي غزہ جي پٽي)

ھي رياست اولھندي ڪناري ۽ غزہ جي پٽي تي مشتمل آهي جن مان اولھندي ڪناري واري علائقي جون سرحدون اردن ۽ اسرائيل سان ملن ٿيون ۽ غزہ جي پٽي جون سرحدون اسرائيل، رومي سمنڊ ۽ مصر سان ملن ٿيون. ھن رياست جي گادي جو ھنڌ اوڀر يروشلم آهي پر ان جو انتظامي گاديءَ جو هنڌ رملا ۾ آھي[10][11]ھن رياست جي دعوي ان سموري سرزمين جي آھي جيڪا 1967 ۾ ڇھ ڏينھن ھلندڙ عرب اسرائيل جنگ ۾ اسرائيل جي قبضي ۾ اچي وئي.[12][13].ھن رياست جي ڪل آبادي 2016 ۾ 4,816,503 ھئي ۽ ھن جو آبادي ۾ دنيا ۾ اندر 123ھون نمبر آھي. 15 نومبر 1988 ۾ فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن جي سربراھ ياسر عرفات الجيريس ۾ فلسطين جي رياست جي قيام جو اعلان ڪيو. 1993 ۾ اوسلو واري معاھدي کان ھڪ سال بعد اولھندي ڪناري ۽ غزہ جي پٽي تي حڪومت ڪرڻ لاء فلسطين جي قومي اٿارٽي ٺاھي وئي. اسرائيل جي غزه مان نڪرڻ کان ٻہ سال بعد (2007 ۾) غزہ حماس جي حڪمراني ۾ اچي وئي. فلسطين کي 2012 کان وٺي 137 ملڪ تسليم ڪري چڪا آھن پر پوء بہ ان کي گڏيل قومن جي اداري ۾ رڪنيت نہ ملي آھي پر بطور مشاھدو ڪندڙ رياست جي شامل ڪيو ويو آهي. فلسطين عرب ليگ، اسلامي سھڪار واري تنظيم، G-77 ۽بين الاقوامي اولمپڪ ڪاميٽيجو رڪن آهي.

فلسطين جون تصويرون


فلسطين جي رياست کي تسليم ڪندڙ ملڪ سائي رنگ سان ڏيکاريل


وچ اوڀر جي سيٽلائيٽ تصوير


1920 ۾ برٽش مينڊيٽ وارو فلسطين


فلسطين جو جھنڊو


يروشلم فلسطين جي گادي جو هنڌ


1939 ۾ فلسطينيي پائونڊ


فلسطين جو 1941 ۾ سڪو


برٽش مينڊيٽ واري فلسطين جو مينڊيٽ


پاڪ سرزمين جو نقشو


فلسطين 1851 ۾


1864 ۾ جانسن پاران اسرائيل جو نقشو


1900 م فلسطين جو نقشو


1915 ۾ فلسطين


1920 ۾ برٽش مينڊيٽ وارو فلسطين


1924 ۾ ڏکڻ فلسطين


اقوام متحده جو 1947۾ فلسطين جي ورھاست جو تجويزيل نقشو

حوالا