سنڌ قانون ساز اسيمبلي جون چونڊن، 1937ع

سنڌ قانون ساز اسيمبلي جون 1937ع واريون چونڊن،[1] سنڌ جي بمبئي کان علحدگي کان پوءِ پهريون صوبائي چونڊون هيون. 1932ع جي ڪميونل ايوارڊ جي مطابق سنڌ جي اسيمبلي لاءِ 60 سيٽون مقرر ڪيون ويو، جنهن جي ذريعي سنڌ صوبي کي پنهنجي اسيمبلي جوڙڻي هئي.[2]

سنڌ صوبائي چونڊون، 1937ع
برطانوي راڄ
1934 →
1937← 1946

 پهرئين جماعتٻئين جماعتٽئين جماعت
 
جماعتسنڌ يونائيٽڊ پارٽياکل ڀارتيا هندو مهاسڀاانڊين نيشنل ڪانگريس
نشستون کٽيون22118

مقرر سيٽين کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو، جنهن ۾ ٻهراڙي جي مسلمانن لاءِ 31 سيٽون، شهري مسلمانن لاءِ 2 سيٽون، شهري مسلمان عورتن لاءِ 1 سيٽ، عام ٻهراڙي لاءِ 15 سيٽون، عامر شهري لاءِ 3 سيٽون، عام شهري عورتن لاءِ 1 سيٽ، يورپين لاءِ 2 سيٽون، زميدارن لاءِ 2 سيٽون، معاشتدانن لاءِ 2 سيٽون ۽ مزردون لاءِ 1 سيٽ رکي وئي.[2] هن چونڊن ۾ اهل ووٽر جو تعداد 639،043 هو.[1]

حوالا