سافٽ ويئر جوڙيندڙ

سافٽ ويئر جوڙيندڙ، مصنع لطيفي ترقي ڌنڌو يا سافٽ ويئر ڊولپر (انگريزي ٻولي: Software Developer)، هڪ اهڙي ماڻهو يا ڪمپني کي چيو ويندو آهي، جيڪو ڪمپيوٽر سافٽ ويئر جوڙي، ڊزائين، ۽ چڪاس ڪري. سافٽ ويئر ڊولپر کي پروگرامر، سافٽ ويئر انجنيئر يا سافٽ ويئر چڪاسيندڙ پڻ چيو ويندو آهي. مشهور پروگرامر ايرڪ سنڪ موجب، سسٽم ڊزائين، سافٽ ويئر ڊولپمنٽ، ۽ پرگرامر جي ڪم ۾ واضع فرق موجود آهي. موجوده مارڪيٽ ۾ ڊولپر ۽ پروگرامر جو ڪم ساڳيو نه آهي، هڪ ڪلاس جي بناوٽ ڪندو آهي ته ٻيو ان کي لاڳو ڪندو آهي. ڊولپر سافٽ ويئر جي مختلف مرحلن جي تعمير ڪندو آهي.[1]

گھڻن ڪمپنين ۾ مختلف ڊولپر سافٽ ويئر جا مختلف مرحلا جوڙين ٿا يا وري ڪٿي هڪ ئي ڊولپر سڄو سافٽ ويئر جوڙيندو آهي.

تاريخ

لفظ ”سافٽ ويئر“ جو پهريون استعمال 1953ع ڌاري ٿيو،[2] پر 1960ع جي ڏهاڪي کان پوءِ ئي ان جو استعمال شروع ٿيو. ان کان اڳ ڪمپيوٽر لاءِ پروگرامنگ يا ته واپرائندڙ پاڻ ڪندا هئا يا وري آئي بي ايم جهڙيون چند ڪمپنيون، 1995ع ۾ پهرين تجارتي ڪمپني جنهن ڪمپيوٽر لاءِ سافٽ ويئر جوڙڻ شروع ڪيا ان کي ڪمپيوٽر يوزيج سوسائٽي چيو وڃي ٿو.[3]

سافٽ ويئر شعبي جي واڌ ويجهه 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي، جڏهن پهرين دفعي ڪمپيوٽرن جو وڌيڪ وڪرو شروع ٿيو.

حوالا