درزي( عقيدو)


درزي يا دروز (انگريزي: Durze ) [17] ھڪ مذھب جو نالو آهي جيڪو توحيد ۾ يقين رکندڙ ھڪ ابراھيمي مذھب آهي جنھن جو بنياد حمزہ ابن علي ابن احمد ۽ فاطمي خلافت جي ڇھين خليفي الحاڪم بن امر الله، افلاطون، ارسطو، فيثاغورث ۽ زينو آف الرواقي جي تعليم تي مشتمل آهي[18][19]. رسائل الحڪمه ھن مذھب جو مقدس ڪتاب آھي[20]. ھن عقيدو شيعن جي ھڪ شاخ اسماعيليت,[21]غناسطيت، ھندوازم[22][23]نئين افلاطونيت، فيثاغورثيت,[24][23] ۽ ٻين فلسفن ۽ عقيدن جي خيالن تي مشتمل آهي. ھن عقيدي وارن جو خدا جي انسان جي روپ ۾ پيدا ٿيڻ واري خيال ظھور انساني ۽ روح جي ٻيھر نئين جنم واري خيال تناسخ ۾ يقين آھي[25]. انھن کي مسلمان تسليم نہ ڪيو ويندو آهي پر مصر جي الازھر انھن کي مسلمان ۽ شيعن جي ھڪ شاخ تصور ڪري ٿي.[26][27]. ھن وقت دنيا ۾ ھن مذھب جا ڏھ لکن جي لڳ ڀڳ عقيدتمند آھن جيڪي لبنان ، شام ۽ اسرائيل جي جابلو ۽ ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ رھن ٿا.

درزي
موحدّون دروز



دروز جو ستارو ۽ دروز جو جھنڊو
ڪل پوئلڳ
≈800,000[1][2][3] کان 2,000,000[4]
باني
حمزہ ۽ الحاڪم [5]
علائقا نمايان آبادي سميت
 شام 600,000[6][7]
 لبنان 250,000[8]
 اسرائيل 143,000[9]
 وينزويلا 60,000[10]
 گڏيل آمريڪي رياستون 50,000[11]
 ڪينيڊا 25,000[12]
 اردن 20,000[13]
 آسٽريليا 20,000[14]
 جرمني 14,000[15]
مذھب
درزازم
مقدس ڪتاب
رسائل الحڪمه
ٻوليون


اسرائيلي چينل 2 اسرائيل م درزي عقيدي وارن جو لباس ۽ جھنڊو ڏيکاريندي
ڇھون فاطمي خليفو الحاڪم بن امر الله

تاريخ

جن مذھب جي ابتدا يارھين صدي عيسويءَ ۾ ٿي. ان عقيدي وارن پاڻ کي مواحدين سڏائڻ شروع ڪيو ھو[28]. ھن مذھب جي شروعات مصر ۾ فاطمي خلافت ۾ خليفي الحاڪم بن امر الله (دور حڪومت: 996 کان 1021 تائين) جي دور ۾ ٿي فاطمي خاندان جي نظريي کي ڦھلائڻ لاء تبليغ شروع ڪرائي جنھن کي دعوا جو نالو ڏنو ويو[28]. الحاڪم، جيڪو غيرمعمولي نرالي خيالن جي ڪري مشھور ھيو، ان نہ رڳو پاڻ کي خدا طرفان مقرر ڪيل اسماعيلي امام پر خدا ھجڻ جي اعلان ڪرائڻ جي اجازت ڏني جنھن سان اسماعيلي ٽٽي ويا ۽ انھن مان الحاڪم جي حامي گروہ 1017 ۾ محمد ابن اسماعيل الدرزي (وفات:1019) ۽ حمزہ ابن علي ابن احمد جي قيادت ۾ ھي نئون مذھب ٺاھيو جيڪو محمد بن اسماعيل جي ئي نالي سان درزي مذھب سڏجڻ لڳو[28]. الدرزي بعد ۾ لاپته ٿي ويو يا ڪٿي مارجي ويو ۽ حمزہ ھن مذھب کي منظم ڪيو ۽ تبليغ شروع ڪئي ۽ جلد ئي ھن لبنان ۽ شام جي جبلن وارن ھارين کي ھن مذھب ۾ آندو[28]. 1021ع ۾ الحاڪم قاھرہ جي مقاتم نالي ٽڪرين ۾ پراسرار طور تي گم ٿي ويو ھو[28]. 1043 ۾ حمزہ ڻہ گم ٿي ويو[28].

مذھبي عقيدا

حمزه پاڻ کي درزي مذھب جو امام سڏرايو ۽ ھن نظريو ڏنو تہ الحاڪم ايئن خدا ھيو جيئن عيسائيت ۾ حضرت عيسي کي خدا سمجھيو وڃي پيو[28]. جن ان جي پيروي ڪندڙ اھي توحيد ۾ يقين رکندڙ ھيا ۽ انھن ايمان آندو تہ اھو واحد خدا الحاڪم م موجود ھيو[28]. حمزہ ان نئين مذھب جو مقدس ڪتاب بہ ڏنو جنھن جو نالو الحڪمه الشريفه ھيو[28]. اسلامي شريعت کي ترڪ ڪيو ويو ۽ اسلام جا پنج رڪن جي ضرورت نہ سمجھي وئي. ھڪ کان وڌيڪَ زالن جي رسم ختم ڪئي وئي ۽ طلاق کي ناپسند ڪيو ويو[28]. درزي عقيدي وارن کي ستن حڪمن جي پيروي جي تلقين ڪئي وئي جن ۾ : الحاڪم کي خدا سمجھي ايمان آڻڻ؛ شيطان کي رد ڪرڻ: غير درزي عقيدن کي رد ڪرڻ؛ خدا جي فرمانبرداري ڪرڻ؛ درزي مذھب وارن سان سچائي ۽ يڪجهتي قائم رکڻ شامل ھيا[28]. مذھب جي پوئلڳن کي ھدايت ڪئي وئي تہ مسلمانن ۽ غير درزي مذھبن وارن جي سامھون پنھنجي درزي عقيدي کي مخفي رکي تڪيه تي عمل ڪن[28]. ھن مذھب ۾ تناسخ جو عقيدو بہ ڏنو ويو جنھن مطابق مرڻ سان ماڻھو جو روح ڪجهه ٻين زندگين ۾ رھي ٿو تہ جيئن ان جي تڪميل ٿي سگھي[28]. ھن مذھب وارن جو ايمان آھي تہ الحاڪم ۽ حمزہ غيب واري دؤر ۾ داخل ٿي ويا ھئا ۽ اھي مستقبل ۾ دنيا ۾ وري ظاھر ٿي مڪمل انصاف کي قائم ڪندا[28]. جن مذھب ۾ قدامت پسندي جي گنجائش نه رکي وئي ۽ مذھبي عقيدتمندن جي قيادت لاء ھڪ شيخن جو حلقو جوڙيو ويو جن کي درزي 'عقل(uqqal) سڏيندا آهن ۽ عقيدي کان اڻڄاڻ کي جھل سڏن ٿا[28]. وفاداري ۽ يڪجهتي انھن جي عقيدي ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي جيڪا انھن ۾ قائم آھي[28].

حوالا