داغستان

روس جي جھموريت

داغستان (انگريزي: Dagestan) جنھن جو سرڪاري نالو "ريپبلڪ آف داغستان" آھي، روسي وفاق ۾ واقع ھڪ ريپبلڪ يا جمھوريه آهي جيڪا ڪيسپئن سمنڊ جي اولھندي ڪناري ۽ ڪوھ قاف جبلن جي اتر ۾ واقع آهي. ان جي گادي جو هنڌ مخچڪالا آھي جيڪو ڪيسپئن سمنڊ جي ڪناري تي واقع آهي. داغستان جي ٻين شھرن جا نالا دربند، قزليار، ايزبرباش، ڪازپيسڪ ۽ بويناڪسڪ آھن. داغستان جي آبادي لڳ ڀڳ 31 لک آھي،[11] جنھن ۾ 30 نسلي گروھ ۽ 81 قوميتون شامل آهن.[12] داغستان روس جي اندر سڀ کان وڌيڪ نسلي گروھن ۽ سڀ کان وڌيڪَ ٻوليون ڳالھائيندڙ ماڻھن واري ريپبلڪ آهي.[13] آبادي جي اڪثريت ڪوھ قافي، ايراني ۽ ترڪ ٻوليون ڳالھائيندڙ آھي.[12] انھن سڀن ۾ روسي ٻولي پوري ريپبلڪ جي رابطي واري ٻولي آھي.[14] داغستان جي آبادي جي اڪثريت مسلمان آھي ۽ اھا روس جي ڇھن مسلم ريپبلڪن مان ھڪ آھي.

جمھوريه داغستان
جمھوريه يا ريپبلڪ
ريپبلڪ آف داغستان
جمھوريه داغستان
جھنڊو
ريپبلڪ آف داغستان}}
قومي نشان
ترانو: قومي ترانو
روس ۾ داغستان ڳڙھي رنگ سان ڏيکاريل
روس ۾ داغستان ڳڙھي رنگ سان ڏيکاريل
مڪانيت  داغستان  (تيزسائو) يورپ ۾  (سائو)
مڪانيت  داغستان  (تيزسائو)

يورپ ۾  (سائو)

جاگرافي بيهڪ: 43°06′N 46°53′E / 43.100°N 46.883°E / 43.100; 46.883 46°53′E / 43.100°N 46.883°E / 43.100; 46.883
ملڪ روس
وفاقي ضلعو اتر ڪوھ قاف[1]
معاشي ريجن اتر ڪوھ قاف جي معاشي ريجن[2]
قيام January 20, 1921[3]
گادي جو هنڌ مخاچ قلعه
حڪومت
 • مجلس پيپلز اسيمبلي[4]
 • سربراھ[4] سرجي ميليخوف
پکيڙ[5]
 • ڪل 50,300 ڪ.م2 (19,400 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 52nd
آبادي (2010 جي آدمشماري)
 •  ڪاٿو

 2018

[6]
3,063,885 (+5.3%)
غونيب ۾ ھڪ ڦٽل قلعو
ليزگين جو ترڪ ڪيل ڳوٺ گرار
ڪارا ڪوئيسو ندي جو ڪينيان لڳ منظر

تاريخ

1856ع ۾ جي.گراس پاران ٺاھيل ڪوھ قاف جبلن جو نقشو
دربند شھر قديم ھجڻ ڪري يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل
ايراني بادشاھ نادر شاھ جا 42-1741ع ۾ جاري ڪيل چاندي جا سڪا جيڪي داغستان جي ضربخاني ۾ تيار ٿيا ھئا

شروعاتي عيسوي صدين م موجوده آذربائيجان ۽ ڏکڻ داغستان ۾ ڪوھ قاف واري البانيا قائم ٿيل ھئي جيڪا پھرين فارس جي ايمپائر جي خراج ڏيندڙ رياست ۽ پوء ان جي زيردست بڻجي وئي. ساساني ايمپائر جي شروعات ۾ اھا البانيا جي نالي سان ايمپائر جو صوبو ٿي رھي. اڳتي ھلي ھن ملڪ بجي آبادي زرتشتي مذھب ڇڏي عيسائيت اختيار ڪئي.

دربند شھر ساساني دؤر جي قلعي واقع ھجڻ سبب مشھور آھي جنهن کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو آهي

پنجين صدي عيسويءَ ۾ ساساني غلبي قائم ٿيڻ بعد ساسانين دربند ۾ ھڪ قلعو تعمير ڪرايو جيڪو بعد ۾ "ڪيسپئن گيٽز" (ڪيسپئن سمنڊ جا دروازا) جي نالي سان مشھور ٿيو. داغستان جو اتريون پاسو ھُنَن جي قبضي ۾ رھيو جن بعد اتي ڪوھ قاف جي آوار نسل وارن جو غلبو ٿيو. فارس جي ساساني ايمپائر جي دؤر ۾ ڏکڻ داغستان جو شھر دربند فارسي تھذيب ۽ ثقافت جو مرڪز ٿي ويو.[15][16] 664ع ۾ دربند اموي خلافت جي قبضي ۾ آيو اسلامي ثقافت جو مرڪز ٿي ويو ۽ پندرهين صدي عيسويءَ تائين ھن علائقي مان عيسائيت جو نالو نشان ختم ٿي ويو. منگولن جي دور پوري ٿيڻ وقت ھن خطي م طاقت جا نوان مرڪز: ڪائتاڪ ۽ تارڪي قائم ٿي چڪا ھئا. سورھين صدي عيسويءَ ۾ فارس جي صفوي ايمپائر ھن خطي جي گرفت مضبوط ڪئي اھڙي طرح اوڻويھين صدي عيسويءَ تائين قابض رھيا. روسي پيٽر اعظم ارڙھين صدي ۾ 23-1722ع جي جنگ جي نتيجي ۾ ڪيسپئن سمنڊ سان لڳولڳ حصو پنھجي قبضي ۾ آندو پر صفوي ايمپائر کي 1735ع ۾ ٿيل گنجه واري معاهدي تحت آھي علائقا واپس مليا. سال 1747ع کان فارس جي داغستان تي حاڪميت دربند خانيٽ ذريعي شروع ڪئي وئي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ دربند ھيو. سال 1796ع ۾ دربند روسي ايمپائر جي قبضي ۾ آيو پر بعد ۾ دربند سميت پوري ڪوھ قاف ۾ روس شڪست کائي ٻاھر نڪري ويو.

امام شامل 25 آگسٽ 1859ع ۾ ڪائونٽ بارياٽنسڪي آڏو پيش پوندي

سال 13-1804 واري روس ايمپائر ۽ فارس جي قجر ايمپائر وچ ۾ ٿيل جنگ دوران داغستان تي روس جي اثر رسوخ کي تسليم ڪندي سال 1806ع ۾ دربند خانيٽ کي گلستان واري معاهدي تحت رضاڪارانه طور تي روسي ايمپائر جي حوالي ڪيو ويو.[17]سال1828ع ۾ ترڪمنچائي واري معاھدي سان فارس جو ھن علائقي تان اثر ختم ٿي ويو.[18]روسي ايمپائر دوران علائقي ۾ سخت محصول لڳايا ويا ۽ ماڻھن جون ذاتي ملڪيتون سرڪاري تحويل ۾ ورتيون ويون جن عملن مايوسي پيدا ڪئي جنھن مقامي مسلمان جابلو رھاڪن کي بغاوت تي مجبور ڪيو اھڙي طرح امام غازي محمد (1828–32)، حمزه بيگ (1832–34) ۽ امام شامل (1834–59) جي قيادت ۾ مزاحمت شروع ڪئي. 1864ع تائين ڪوھ قاف ۾ اھا جنگ ھلندي رھي.

داغستاني ماڻھو جو 1907 کان 1915 وچ ۾ نڪتل ڦوٽو

داغستان ۽ چيچنيا جي مزاحمتي جنگ کي روس ۽ ترڪي واري 78 -1877 واري جنگ مان روسي ايمپائر خلاف بغاوت ڪرڻ ۾ فائدو ٿي رهيو هو.21 ڊسمبر 1917ع تي انگشتيا، چيچنيا ۽ [[داغستان آزادي جي اعلان ڪندي اتر ڪوھ قاف جي جبل واسين جي متحدہ رياست قائم ڪئي جنھن جو نالو مائونٽينينس ريپبلڪ آف نادرن قفقاز ھو جنھن کي عالمي طاقتن تسليم ڪري ڇڏيو. ان جو گاديءَ جو هنڌ تمير خان شھر ۾ ھيو.[19][20] ان رياست جو پھريون وزيراعظم چيچن سياستدان تاپا شيرموويف ٿيو. ٻيون وزيراعظم انگوش نسل جو وسن گيري ژيباگئيف ٿيو جنھن 1917ع ۾ ملڪ جو آئين پڻ پاڻ تيار ڪيو. سال 1920ع ۾ جي ٽئين مدي لاء چونڊجي آيو.[21] بالشيوڪ انقلاب کان پوءِ خلافت عثمانيه جي فوج آذربائيجان ۽ داغستان ۾ گھري آيون ھيون. وائيٽ موومينٽ نالي ڪميونسٽ مخالفن، قومپرستن ۽ ڪميونسٽ بالشويڪن وچ ۾ ٽن سالن تائين ويڙھ ھلڻ بعد بالشويڪن کي فتح حاصل ٿي جنھن سان 20 جنوري، 1921ع ۾ داغستان آٽونامس سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي قيام جو اعلان ٿيو.سال 1999ع ۾ چيچنيا جي اسلامي گروپ جا حامي شامل باساييف ۽ ابن الخطاب جي اڳواڻي ۾ شروع ڪيل فوجي مھم دوران داغستان ۾ آزاد اسلامي رياست قائم ڪرڻ جي نيت سان داغستان ۾ گھري آيا. مقامي ماڻھن سندن حمايت نہ ڪئي ۽ روسي فوج کين ڌڪي ٻاھر ڪڍيو.[22] ان جي نتيجي ۾ انتقام طور روسي فوج ٻين چيچن جنگ جي شروعات ڪئي.[23]

نالي جو مطلب

لفظ داغستان ترڪ ٻولي جي لفظ "داغ" (جنھن جي معنيَ آهي جبل) ۽ فارسي لفظ "ستان" (جنھن جي معنيَ آهي جاء) جو مجموعو آھي. اھڙي طرح داغستان لفظ جي معني آهي جبلن واري سرزمين.[24]

جاگرافي

داغستان ريپبلڪ اتر ڪوھ قاف جبلن منجھ روس جي آخري ڏاکڻي حصي ۾ ڪيسپئن سمنڊ تي واقع آهي. ان جي پکيڙ 50٬300 ڪلوميٽرزچورس (19٬400 sq mi) آھي. روس جي اندر داغستان جون حدون اتر ۾ ڪلميڪيا، اولھ ۾ چيچنيا اتر-اولھ ۾ اسٽاوروپول ڪرائي سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۾ ان جي سرحد آذربائيجان جي ضلعن: بالاڪن ريئن، خاچماز ريئن، اوغوز ريئن، قبله ريئن، شڪي ريئن، ڪاخ ريئن، ڪوسار ريئن ۽ زاقاتلا ريئن سان ملن ٿيون. ان کان سواءِ ڏکڻ اولھ ۾ جارجيا ۽ اوڀر ۾ ڪيسپئن سمنڊ سان پڻ ملن ٿيون. داغستان جو سڀ کان اوچو مقام مائونٽ بازاردوز جنھن جي اوچائي 4٬446 ميٽر (14٬587 ft) آهي. داغستان جي اتر کان ڏکڻ تائين وڌ کان وڌ ڊيگھ 400 ڪلوميٽر (250 mi) ۽ اوڀر کان اولھ طرف وڌ کان وڌ ويڪر 200 ڪلوميٽر (120 mi) آھي.

داغستان جو نقشو

داغستان ۾ 1800 نديون ۽ واھ آهن. ندين ۾ سولاڪ ندي، سامور ندي ۽ تيرڪ ندي شامل آهن. داغستان جو ڪيسپئن سمنڊ سان ڪنارو 405 ڪلوميٽر (252 mi) آھي.

داغستان جا اتر ڪوھ قاف وارا جبل

داغستان جو ڏاکڻو پاسو ڪوھ قاف جبلن تي مشتمل آهي جن ۾ سڀ کان وڏي چوٽي بازاردوز واري آھي. 4٬470 ميٽر (14٬670 ft) بلند اھا چوٽي داغستان ۽ آذربائيجان جي سرحد تي ٻنھي ملڪن روس ۽ آذربائيجان ۾ واقع آهي. داغستان مان تيل، ڦدرتي گيس، ڪوئلو ۽ ٻيون معدنيات جي ذخيرن سان مالامال آهي.[25] ھتان جي آبھوا اونھاري ۾ گرم ۽ خشڪ ۽ سياري ۾ سخت ٿڌي ھوندي آھي. جنوري ۾ سراسري گرمي پد +2 °C (36 °F)، جولاء ۾ +26 °C (79 °F). ھوا ۾ گھم جي سالياني سراسري اترئين ميداني علائقي ۾ 250 mm (10 in) ۽ ڏکڻ واري جابلو علائقي ۾ 800 mm (31 in) آھي.[26].

سياسي نظام

ريپبلڪ آف داغستان جي پارليامينٽ

جمھوريه داغستان جي پارليامينٽ جو نالو پيپلز اسيمبلي آھي جنھن جا رڪن ڊپٽيز سڏبا آهن. 10 جولاء 2003ع ۾ داغستان ۾ نئون آئين نافذ ڪيو ويو جنھن مطابق ھڪ نئون ادارو رياستي ڪائونسل جوڙيو ويو جنھن ۾ 14 نسلن جي نمائندگي رکندڙ رڪن چئن سالن لاءِ چونڊيا ويندا هئا جن مان حڪومت چونڊي ويندي ھئي جنھن جو سربراھ رياستي ڪائونسل جو چيئرمين ھيو. 20 جنوري 2006ع تي پيپلز اسيمبلي قرارداد ذريعي رياستي ڪائونسل جي اداري کي ٽوڙي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ريپبلڪ جي صدر جو نئون عھدو قائم ڪيو. روسي صدر ولاديمير پيوٽن پيپلز اسيمبلي کي نئين صدر لاء موخو علييف کي ريپپلڪ جي صدر لاء نامزدگي جي آڇ ڪئي جيڪا اسيمبلي قبول ڪئي. اھڙي طرح موخو علييف ريپبلڪ جو پھريون صدر چونڊيو ويو. 20 فيبروري 2010ع تي محمد سلام محمدوف ريپبلڪ جو صدر چونڊجي آيو.[27] 3 آڪٽوبر 2017ع تي ولاديمير واسيليف ريپبلڪ جو صدر چونڊجي آيو.[28]

داغستان جي آبادي

1907 کان 1915 وچ ۾ نڪتل ھڪ داغستاني جوڙي جو ڦوٽو
ڪوھ قاف جي ريجن جا نسلي ٻولي ڳالهائيندڙن جا گروھ
داغستاني مرد ۽ عورت اوڻويھين صديءَ واري لباس ۾

جبلن جي رھائش ۽ اڻانگن رستن سببن ڪري اچ وڃ جي سھولتن جي فقدان سبب داغستان جي آبادي قبيلائي آھي جن ۾ نسلي گروهن جي ڪثرت آھي. ھي ريپبلڪ روس ۾ سڀ کان وڏي ڪثير نسلي رياست آھي. ھن ريپبلڪ ۾ روس جي ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ آبادي ۾ اضافو تيزيءَ سان ٿي رھيو آھي.[29]

حوالا