جوڙ (حساب)

جوڙ :(انگريزي: Addition ) عام طور تي پلس جي نشاني (+) سان ظاھر ڪيو ويندڙ حسابن جي علم جي چئن بنيادي حسابن مان ھڪ حساب جو نالو آهي[1]. جيڪڏهن ٽي صوفن ۾ ٻہ صوف جوڙ ڪبا ته پنج صوف ٿيندا.

ٽي ۽ ٻہ صوفن جو جوڙ

جوڙ جي علامت (+) ھڪ لاطيني اڌ اکري جو لفظ آهي جيڪو "۽" جي عيوض استعمال ٿيندو ھو[1]. ھن اڌ اکري ( short hand) لفظ (+) کي جوڙ لاء بطور حسابي علامت جي علم رياضي جي ماھرن پندرھين صدي عيسويءَ جي پوئين حصي ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ھو[1]. ڪتابن جي ڇپائيءَ جي شروعات کان پوء پھريون دفعو بطور جوڙ جي نشاني جي ان علامت جو ذڪر 1489ع ۾ جوھانز وڊمين جي ڪتاب "ڪاروباري ماڻھن لاء سادو ۽ آسان حساب ڪتاب" (Behennde unnd hüpsche Rechnung auf fallen Kauffmannschaften) ۾ ڪيو ويو ھوا[1].


جوڙ جي نشاني

انگريزي ۾ جوڙ جي نشاني کي پلس (plus) چوندا آھن ۽ اھا ٻن رقمن جي وچ ۾ لکي ويندي آهي ۽ ان جي جواب کي برابر جي نشاني (=) کان پوءِ لکيو ويندو آهي. مثال طور:

(" ھڪ پلس ھڪ برابر آھن ٻن جي ")
("ٻہ پلس ٻہ برابر آھن چار جي ")
("ھڪ پلس ٻہ برابر آھن ٽن جي ")
(ٽي يا ٽن کان وڌيڪَ رقمن جي جوڙ کي لاڳيتي جوڙ چئبو آهي )
(ساڳي رقمن جي لاڳيتي جوڙ کي ضرب چوندا آهن )

علم رياضي ۾ جوڙ سڄن انگن ، ڏھائي وري رقمن ، اڻپور رقمن، الجبرائي رقمن وغيره جي ٿيندي آهي.

حوالا