توڪل

اسلام جي هڪ اهم تعليم اها به آهي، جنهن کي توڪل علي الله چيو وڃي ٿو. يعني هرحال ۾ الله جي مٿان يقين ۽ ڀروسو رکڻ. الله جي رحمت مان ڪڏهن به نااميد نه ٿيڻ. قرآن ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته:

وَّ تَوَکَّلۡ عَلَی اللّٰہِ ؕ وَ کَفٰی بِاللّٰہِ وَکِیۡلًا (الاحزاب: 3)”۽ الله تي ڀروسو ڪر ۽ الله ڪارساز ڪافي آهي.“

ٻئي هنڌ قرآن شريف ۾ ارشاد آهي ته:

وَ عَلَی اللّٰہِ فَتَوَکَّلُوۡۤا اِنۡ کُنۡتُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ (المائده: 23)”۽ جيڪڏهن مؤمن آهيو ته الله تي ڀروسو ڪريو.“

اهڙيءَ طرح قرآن مجيد ۾ حق وارن جي زبان ۾ چيو ويو آهي ته:وَ لَنَصۡبِرَنَّ عَلٰی مَاۤ اٰذَیۡتُمُوۡنَا ؕ وَ عَلَی اللّٰہِ فَلۡیَتَوَکَّلِ الۡمُتَوَکِّلُوۡنَ (ابراهيم: 12)

”۽ توهان جيڪو ايذاءُ اسان کي پهچايو ٿا، تنهن تي ضرور صبر ڪنداسون ۽ توڪل ڪرڻ وارن کي الله تي ئي توڪل ڪرڻ کپي.“قرآن شريف ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته توهان هن ريت چئو:

قُلۡ حَسۡبِیَ اللّٰہُ ؕ عَلَیۡہِ یَتَوَکَّلُ الۡمُتَوَکِّلُوۡنَ (الزمر: 38)”چئو ته مونکي الله ڪافي آهي. ڀروسو ڪندڙ مٿس ئي ڀروسو ڪن ٿا.“[1][2]