بيجنگ


بيجنگ (انگريزي: Beijing ) (/ˌbˈɪŋ/ BAY-jing[10][11][pèɪ.tɕíŋ] (About this sound ٻڌو)) جنھن جو اڳوڻو نالو پيڪنگ (انگريزي: Peking) ھيو[12][13] عوامي جمهوريه چين جو گاديءَ جو هنڌ آهي. آبادي جي لحاظ کان اھو دنيا جو سڀ کان وڏو گادي وارو شھر آھي جنھن جي آبادي 2,10,00,000 آھي ۽ پکيڙ 16,410 چورس ڪلوميٽر اٿس.[4] چين جي اترئين ڀاڱي ۾ واقع آھي جتي ميونسپلٽي واري سڌي حڪومت انتظام ھلائيندي آھي. ان ميونسپلٽي ۾ 16 شھري ۽ ٻھراڙيءَ وارا ضلعا واقع آھن. بيجنگ لفظ جي معني اتريون گادي جو هنڌ آهي. ھي شھر سڌي حڪمراني واري ميونسپلٽي جي حدن اندر واقع آهي. ان ميونسپلٽي واري علائقي جي حڪومت ڪميونسٽ پارٽي جي ضابطي ھيٺ ڪم ڪندي آهي جنھن کي پارٽي جي بيجنگ واري شاخ جو سيڪريٽري ھلائيندو آھي. سرڪاري ملازمن ۾ شھر جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر پڻ شامل ھوندا آھن. سپريم پيپلز ڪورٽ شھر جي سڀ کان وڏي عدالت آھي. ٻين عدالتن ۾ ٽي انٽرميڊئيٽ پيپلز ڪورٽون، ھڪ انٽرميڊئيٽ ريلوي ٽرانسپورٽ ڪورٽ ۽ 14 بيسڪ پيپلز ڪورٽون شامل آهن. ھي شھر چين جو شنگھائي کان پوءِ آبادي ۾ ٻيون وڏو شھر ۽ ٽين وڏي ميونسپلٽي آھي.

بَيجِنگ
北京市
پِيڪِنگ
چيني حڪومت جي سڌي اختيار واري ميونسپلٽي
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان: بيجنگ جو سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جو افقي منظر بيڊلنگ واري عظيم ديوار، آسماني مندر، گريٽ ھال آف دي پيپل(کاٻي پاسي) ۽ چين جو نيشنل سينٽر (ساڄي پاسي)، نيشنل اسٽيڊيم، بيجنگ، تيان مين
چين منجھ بيجنگ ميونسپلٽي جو مقام
چين منجھ بيجنگ ميونسپلٽي جو مقام
جاگرافي بيهڪ (تيانمين اسڪوائر): 39°54′24″N 116°23′51″E / 39.90667°N 116.39750°E / 39.90667; 116.39750 116°23′51″E / 39.90667°N 116.39750°E / 39.90667; 116.39750
ملڪ عوامي جمهوريه چين
قيام 1045 ق ۾ (جئو گھراڻو)
انتظامي ورهاست[1]
 ڪائونٽي سطح:
 شھري سطح:

16 ضلعا
289 ننڍا شھر ۽ ڳوٺ
حڪومت
 • قسم سڌي اختيار واري ميونسپلٽي
 • ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري ڪائي چي
 • ميئر چَين جِننگ
 • ڪانگريس چيئرمين لي وئي
 • ڪانفرنس چيئرمين جِي لِن
پکيڙ[2]
 • ميونسپلٽي 16,410.5 ڪ.م2 (6,336.1 ميل2)
 • شھري (2018)[3] 4,144 ڪ.م2 (1,600 ميل2)
 • Rural 12,266.5 ڪ.م2 (4,736.1 ميل2)
بلندي 43.5 ميل (142.7 ft)
آبادي (2018)[4]
 • ميونسپلٽي 21,542,000
بيجنگ
رواجي چيني لکت ۾ "بيجنگ"
چیني 北京
ھانیو پنینAbout this sound Běijīng
لغوي معنیٰ"اتريون گادي جو هنڌ"

حوالا