برسبين

برزبين يا برسبين (انگريزي: Brisbane) [9] آسٽريليا جو ٽيون نمبر وڏو شهر ۽ ان جي رياست ڪوئينس لينڊ جو گادي جو هنڌ ۽ ان رياست جو سڀ کان وڏو شھر آھي[10]. شھر جي آبادي 2018ع جي ڪاٿي مطابق اٽڪل 25 لک آھي[10] [11] برزبين سائوٿ ايسٽ ڪئينس لينڊ جي ميٽروپوليٽن ريجن جي مرڪز ۾ واقع آهي ۽ ان ميٽروپوليٽن جي آبادي 36 لک آھي[11]. برزبين جو واپاري مرڪز پراڻي شھر تي مشتمل آهي جيڪو برزبين ندي تي واقع آهي ۽ اھا ندي 15 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪورل سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي[12]. ھن شھر جي رھندڙن کي برزبينائيٽ سڏيندا آهن[13][14] ھن شھر جا ٻيا عام نالا برزي ۽ رور سٽي ۽ برزويگس آھن[15].[16]. ھي شھر آسٽريليا جي پراڻن شھرن مان ھڪ آھي جتي قديم زماني م مقامي ماڻھن: جگيرا ماڻھن ۽ تربل ماڻھن آباد ٿيا ھيا ۽ بعد ۾ سڊني ۾ پينل ڪالوني ٺھڻ کان پوءِ انگريزن قيدين لاء نئين پينل ڪالوني ٺاھڻ لاء 1824ع ۾ ان علائقي جي ريڊڪلف واري جاء کي چونڊيو ويو جيڪا پوء ھن شھر م تبديل ٿي وئي[17] ھن شھر جو برزبين يا برسبين نالو برزبين ندي تان پيو ۽ ان ندي تي اھو نالو نيو سائوٿ ويلز جي اسڪاٽ نسل واري گورنر سر ٿامس برزبين جي نالي تان پيو. سڊني واري ڪالوني بعد برزبين واري جاء تي ھڪ نئين ڪالوني لاء ان ندي واري جاء کي چونڊيو ويو. 1859ع م جڏهن نيو سائوٿ ويلز مان ھڪ حصو ڌار ڪري ڪئينس لينڊ نالي نئين رياست ٺاھي وئي تہ برزبين کي ان رياست جي گادي جو هنڌ بڻايو ويو. ڪثير ثقافتي مرڪز واري ھن شھر جي آبادي جو %32.2 ماڻھو ملڪ کان ٻاھر جا پيدا ٿيل آھن[18] ھي شھر گلوبلائيزيشن اينڊ ورلڊ سٽيز ريسرچ نيٽورڪ مطابق دنيا جي بيٽا پلس شھرن ۾ شمار ٿئي ٿو[19] [20]. ان جو شمار دنيا جي سڀ کان وڌيڪَ رھڻ جي قابل شھرن ۾ ٿئي ٿو[21][22][23].

برزبين
ڪوئنزلينڊ
[[File:
Skyline
Story Bridge and CitycatCity Hall
South Bank ParklandsQueenslander
|270px]]
ڪينگرو پوائنٽ کان افقي منظر
ٽرانسديو برزبين فيري اسٽوري پل ھيٺان گذرندي،
برزبين سٽي ھال
سائوٿ بينڪ پارڪلينڊس; ڪئينسلينڊر آرڪيٽيڪچر
ڪئينسلينڊ ڪلچرل سينٽر پئنوراما
آبادي:2,514,184[1] (3rd)
• ڪثافت:155/km² (401.4/sq mi)
متناسقات:27°28′04″S 153°01′41″E / 27.46778°S 153.02806°E / -27.46778; 153.02806 153°01′41″E / 27.46778°S 153.02806°E / -27.46778; 153.02806
رقبو:15842 km² (6,116.6 sq mi)[2][3] (2016 GCCSA)
منطقہ وقت:AEST (UTC+10:00)
مقام:
آسٽريلوي مقامي حڪومت:
  • برزبين جو شھر
  • اپسوچ شھر
  • لاڪير وئلي ريجن (جزوي)
  • لوگن شھر
  • موريٽن اپسمنڊ ريجن
  • ريڊلينڊ شھر
  • سينڪ رم ريجن
  • سومرسيٽ ريجن
علائقو:سائوٿ ايسٽ ڪئينسلينڊ
ڪاؤنٽي:اسٽينلي, ڪيننگ, ڪيونڊش ڪائونٽي, چرچل, وارڊ
رياست / علائقو انتخاب:41 انتخابي ڊويزنون
وفاقي ڊويزن:ھائوس آف ريپريزنٽيٽو، آسٽريليا جا 17 تڪ
اوسط وڌ کان وڌ درجہ حرارت اوسط گھٽ ۾گھٽ درجہ حرارت ساليانو مينھن
25.4 °C
78 °F
15.7 °C
60 °F
1,036 ملي ميٽر
40.8 انچ

حوالا