هيءُ فن نھايت پراڻو آهي. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو تہ مختلف ميون ۽ ٻوٽن جو ذڪر هزارين سال اڳ ۾ بہ هو. اڄ کان تقريباً چار هزار سال اڳ ڏاڙهون، بادام وغيره پوکبا هئا. سڪندراعظم جي حملي وقت سنڌ ۾ انب ۽ ڪيلن جا ٻوٽا ملن ٿا. موجوده دور ۾ هيءُ فن صنعت جي حيثيت سان رائج ٿي چڪو آهي.[1]
ضروري ڳالھيون
هاڻي باغ معاشي ضرورت جي خيال سان لڳايو وڃي ٿو. باغ لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن[1]:
باغ جي لاءِ موزون آبھوا ۽ زمين موجود هجي.
باغ مارڪيٽ جي ويجهو هجي.
شھر يا مارڪيٽ گهڻو پري هجي تہ باغ پڪي ۽ سٺي روڊ تي هجي.