اٽڪ

اٽڪ (انگريزي: Attock) پاڪستان جي صوبي پنجاب جو هڪ شھر ۽ ساڳي نالي سان ھڪ ضلعي جو صدر مقام آهي جنهن جو پراڻو نالو ڪيمبل پور(انگريزي: Campbell Pur) آھي [1] ھي شھر اتر پنجاب ۾ اسلام آباد کان ٿوري فاصلي تي واقع آهي. شھر جو بنياد 1908 ۾ پراڻي شھر اٽڪ خورد کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي رکيو ويو.[2]پراڻو شھر مغل بادشاه اڪبر اعظم سورھين صدي عيسويءَ ۾ قائم ڪيو. [3] نئين شھر کي ڪرنل ڪيمپبيل جو نالو ڏنو ويو جيڪو قيام پاڪستان بعد تبديل ڪري اٽڪ شھر رکيو ويو.[4]انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق: ضلعي ڪيمبلپور جو نئون نالو، جيڪو 1978ع ۾ رکيو ويو. هيءُ پنجاب جي اترئين حصي جو هڪ نهايت اهم هنڌ آهي، -جتي- سنڌو درياءُ ۽ ڪابل درياءُ ڪُنڊيالي ماڳ وٽ اچي گڏجن ٿا ۽ ٻن رنگن جو ڌار ڌار -پاڻي- وهندو نظر اچي ٿو.هتي 1581ع ۾ شهنشاهه اڪبر هڪ مضبوط قلعو ٺهرايو هو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي. اڳ ۾ سنڌو درياءَ کي هن گهيڙ وٽان -پار- ڪيو ويندو هو. هتي ٻيڙين جي پل هوندي هئي. هيءُ ماڳ هن وقت به تاريخي حيثيت رکي ٿو. هن جڳهه کي ’دارالهند‘ به چوندا هئا، پر پوءِ -اٽڪ- ئي عام لنگهه ٿي ويو. جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ’ريدڪ يا رنڊڪ‘ سنڌوءَ جو وهڪرو -افغانستان- کان ايندڙ لشڪرين آڏو قدرتي ۽ مستقل ’-اٽڪ-‘ بڻجي ٿو. -ان- ئي سبب کان هتي مستقل فوجي ڇانوڻي ٺهي جنهن جي چوڌاري هوريان هوريان شهر -آباد- ٿي ويو. هتي درياءَ تي هڪ نهايت مضبوط لوهي ريلوي پل آهي. هن شهر ۾ ٻاجهريءَ ۽ ڪڻڪ جي زرعي منڊي آهي. هتي هيلي ڪاپٽر ۽ مِراج جهازن جي مرمت وغيره جو اڏو پڻ آهي، جيڪو 1978ع ۾ قائم ٿيو هو.[5]

اٽڪ شھر
اٽڪ
ڪيمبل پور(انگريزي: Campbell Pur)
شھر
اٽڪ جو قلعو
اٽڪ جو قلعو
اٽڪ شھر is located in Pakistan
اٽڪ شھر
اٽڪ شھر
اٽڪ شھر is located in Asia
اٽڪ شھر
اٽڪ شھر
جاگرافي بيهڪ: 33°46′0″N 72°22′0″E / 33.76667°N 72.36667°E / 33.76667; 72.36667 72°22′0″E / 33.76667°N 72.36667°E / 33.76667; 72.36667
ملڪ  پاڪستان
صوبو  پنجاب، پاڪستان
قيام 1904
ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو 1978
حڪومت
 • ميئر ملڪ طاھر اعواڻ (پي ايم ايل-اين )
 • ڊپٽي ميئر شيخ آفتاب احمد

حوالا