البيروني

ابو ريحان محمد ابن احمد البيروني (انگريزي: Abu Rehan Muhammad Ibne Ahmed Al Beruni) جيڪو سائنس جي دنيا ۾ مختصر نالي "البيروني" (انگريزي: Al Beruni) سان مشهور آهي، روسي ترڪستان جي مشهور شهر ”خوارزم“ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”بيرون“ ۾ تاريخ 366ھ مطابق 976ع ۾ ڄائو.[3] ان وقت خوارزم جي رياست تي سندس وڏن، احمد بن محمد بن عراق جي حڪمراني هئي.[3] سندس مادري زبان خوارزمي ٻولي ھئي.[4]

ابو ريحان البيروني
1973 ۾ سوويت يونين ۾ البيروني جي خيالي تصوير سان جاري ڪيل پوسٽ جي ٽڪلي
پيدائش5 سيپٽمبر973ع
ڪاث, خوارزم, افريغيان خاندان (موجوده ازبڪستان)
وفاتc. 1050 (77 سال)
غزني, غزنوي ايمپائر (موجوده افغانستان)
رھائشخوارزم، وچ ايشيا


زياريان خاندان (ري)[1]

غزنوي (غزني)[2]
تعليمي پسمنظر
متاثر ڪندڙارسطو، بطليموس، آريا ڀٽ، برھما گپتا، ابو حنيفه دينوري، الرازي، ابو سعيد السجزي، حڪيم اہرانشھري، ابو ناصر منصور، ابوعلي سينا، البتاني، التميمي
علمي خدمتون
دوراسلام جو سونھري دؤر
مُکيه دلچسپيعلم ارضيات، علم طبعيات، علم الانسان، تقابلي سماجيات، علم فلڪيات، علم نجوم، علم ڪيميا، تاريخ، جاگرافي، علم رياضي، طب، نفسيات، اسلامي فلسفو، اسلاميات
مُکيه ڪمڪتاب الآثار الباقيه عن القرون الخاليه (گذريل صدين جا باقي آثار)، جواھر، ڪتاب الھند، قانون المسعودي، علم النجوم
متاثر ماڻهوابو سعيد السجزي، ابو علي سينا، عمر خيام، الخازني، زڪريا القزويني، مراغه رصدخانو، اسلامي سائنس، اسلامي فلسفو

نالي جي معني

لفظ ”ابو ريحان“ جي لغوي معنا آهي: ”نازبوءِ جو پيءُ“[3]. البيرون فارسي ٻوليءَ ۾ ٻاھرين ضلعي کي چوندا آهن.

ننڍپڻ ۽ تعليم

هي ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو ذهين هو. هي اهو دور هو، جڏهن خوارزم جي علمي ۽ تمدني ترقي اوج تي پهتل هئي ۽ هن علائقي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عالمن جو وڏو انگ هر وقت علم ڏيڻ ۽ پرائيڻ ۾ رڌل رهندو هئو. ابو ريحان به پنهنجي زندگيءَ جو شروعاتي دور ڳوٺ ۾ ابو نصر منصور بن عليءَ جي صحبت ۾ گذاريو. جنهن وٽان رياضي، مساحت ۽ هندسه (انگن) وغيره جي علمن ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪيائين. گهڻو ڪري پنهنجن ڪلاسين کان فڪر ۽ فلسفي ۾ گوءِ کڻي ويندو هو[3].ھن خوارزم ۾ زندگي جا پھريان پنجويھ سال فقه، دينيات، گرامر، علم رياضي، علم فلڪيات، طب، فلسفي ۽ طبعيات ۽ ٻين سائنسن جي تعليم حاصل ڪئي[5].

سياحت

البيروني جڏهن پاڻ ڀرو ٿيو، ته دنيا جي سير ۽ سياحت جو شوق جاڳيس، جنهن ڪري ديس ڇڏي پرديس ڏانهن پنڌ پيو. دنيا جو ڳچ حصو گهميو ۽ آخر هندستان پهتو. هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦرندو رهيو[3]. سنڌ ۽ پنجاب ۾ به ڪجهه وقت رهيو[3]. بنارس ۾ مشهور ساڌن ۽ پنڊتن جي صحبت مليس. کانئن سنسڪرت ۽ هندي ٻوليون سکيو ۽ قديم سنڌ جي حدن، مثلاً ملتان جي ايراضيءَ ۾ پهتو ۽ مقامي تهذيب، ويدانيت ۽ فلسفي جو ڳوڙهو اڀياس ڪيائين[3]. ان کان سواءِ سرياني، عربي، فارسي ۽ يوناني ٻولي جي ڀلي ڀت ڄاڻ حاصل ڪيائين[3]. هندستان جي سفر جي باري ۾ ”ڪتاب الهند“ نالي هڪ اهم ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن بابت تفصيلي ۽ معلوماتي احوال ڏنائين[3]. هن قديم سناتن ڌرم جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”هندو موحد آهن، هندو ڌرم جي بنيادي تعليم ۾ بت پرستيءَ جي سکيا ڪا نه ٿي ڏني وڃي[3]. هندو سڌريل، ايماندار ۽ علم وارا آهن، جن جي فلسفي مان يونان، مصر ۽ عرب جي عالمن تمام گهرو اثر ورتو[3].“ اهڙيءَ طرح اڳتي هلي سنڌ جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس: ”هتي جي ٻولي بلڪل نرالي رنگ ۽ ڍنگ جي آهي[3].“ هن ڪتاب ۾ ان وقت سنڌ ۾ لاڳو ڏينهن، مهينن، پسار جي شين ۽ عام شين جا مشهور ۽ لاڳو نالا به ڏنا آهن، جيڪي خاص طرح سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل آهن. انهن مان سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ لغوي وسعت جو بخوبي ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو[3]. هن سنڌي رسم الخط ۽ سنڌي ڪئلينڊر جو به پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو مارچ مهيني ۾ شروع ٿئي ٿو[3].لاڳيتن سفرن جي مشڪلاتن، سندس ذهن ۽ خيالن کي ڪافي متاثر ڪيو. پاڻ سمورين تڪليفن کي درگذر ڪندو ۽ مصيبتون سهندو، ايران کان اچي نڪتو. ايران ۾ ”ري“ شهر ۾ ڳچ عرصو رهي وري ڪنهن ٻيءَ منزل جو ڳولائو ٿيو[3].

محمود غزنوي جي درٻار ۾

جڏهن سلطان محمود جرجان فتح ڪيو، ته البيرونيءَ کي به ساڻ غزنيءَ پاڻ سان وٺي آيو ۽ پنهنجي خاص درٻارين ۾ رهايائينس[3]. ترڪ نسل جو سلطان محمود غزنوي جو 998ع کان 1030ع تائين حاڪم رھيو. ان 1017ع ۾ خوارزم فتح ڪيو جيڪو ھن وقت ازبڪستان جو شھر خيو سڏجي ٿو[6]. فتح بعد ان البيروني کي افغانستان ۾ پنھنجي درٻار جو نجومي[7] ۽ فلڪياتي ماھر طور شامل ڪيو[6]. 1022 کان 1030 جي وچ ۾ ھي سلطان محمود سان اتر انڊيا تي ڪيل حملن دوران ساڻس گڏ رھيو ۽ ان سفرن کيس ڏجن سالن تائين ھندو مذھب ۽ فلسفي کي سمجھڻ جو موقعو فراھم ڪيو. ھن برھمڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انھن جي مقدس ٻولي سنسڪرت سکيو[6][8]. ھن جي انھن ڪاوشن جو نتيجو ڪتاب الھند جھڙي بي مثال شاھڪار جي صورت ۾ ٿيو جيڪو ھن 1031 ۾ غزني ۾ پھچڻ بعد مڪمل ڪيو[6].

عالمن جي صحبت ۽ علمي ڪاوشون

ابو ريحان کي پنهنجي دور جي مشهور عالمن کان فيض حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهنڪري لاڳيتو تعليم ۽ تحقيق هن کي ، هڪ ممتاز ۽ ناليواري حيثيت جو مالڪ بڻائي ڇڏيو[3]. سندس لکيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو 150 جي لڳ ڀڳ آهي ۽ انهن جي ٿولهه ويهه هزار صفحن کان وڌيڪ آهي[3]. رياضي (انگي حساب)، مناظر ارض، نجوم، هيئت، مناظر، ارض، جواهر شناسي (ڪيميا)، آثار قديمه، تاريخ ۽ تمدن، مذهب، قانون، جاگرافي ۽ فلسفو وغيره سندس دل وٽان موضوع هئا[3]. علمي اعتبار کان هندستان جا عالم کيس ”وديا ساگر“ (علم جو سمنڊ) سڏيندا هئا. سندس مشهور تصنيفن ۾: ”الاثار الباقية“ ۽ ”قانون المسعودي“ شمار ٿين ٿا[3]. البيرونيءَ جي رياضي، هيئت ۽ نجوم جي علمن ۾ گهري دلچسپي رهي. ساڳئي وقت سائنس جي ميدان ۾ سندس شمار عظيم مسلمان سائنسدانن ۾ ٿئي ٿو، جن جي عظمت ۽ تدبر جو احاطو عالم انسانيت تائين پکڙيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس علمي ڪارناما رهنديءَ دنيا تائين قائم رهندا[3]. سندس شخصيت پنهنجي جامعيت ۽ هم گيريءَ جي اعتبار کان افضل هئي. اسلام جو پوئلڳ ۽ مستقل ارادي رکڻ سبب پنهنجن ڪتابن ۾ ڪڏهن به هندو يا عيسائي مذهبن تي ڪنهن به قسم جي تنقيد نه ڪيائين[3]. علم هيئت جي باري ۾ کيس وڏي استادي مليل هئي، جنهنڪري صحيح جواب ٻڌائڻ ۾ دير نه ڪندو هو. انهيءَ لحاظ کان کيس ”جادوگر“ سڏيندا هئا[3]. علم نجوم جي ڄاڻ بابت به سندس اڳڪٿيون بلڪل سچيون ثابت ٿيون. سلطان محمود غزنويءَ کي ”نجوم“ تي اعتبار نه هوندو هو، پر ابو ريحان جي پيشنگوين کان سئو سيڪڙو متاثر ٿيو[3].ھن جي ھمدردي افريغيان خاندان سان ھيون جنھن کي 995ع ۾ مخالف ماموني خاندان ھٽائي پاڻ حاڪم ٿي ويا جنھن ڪري ھن پنھنجو علائقو ڇڏي بخارا ۾ رھڻ شروع ڪيو ۽ ساماني حاڪم منصور ٻيون پٽ نوح جي علائقي ۾ آيو جتي ھن ابوعلي سينا سان خط و ڪتابت جي شروعات ڪئي. [9] علم طبعيات ۾ البيروني ميڪانيت ۾ تجرباتي سائنسي طريقي کي متعارف ڪرايو ۽ ميڪانيڪي سائنس ۾ سڪون (static) ۽ حرڪت (dynamic) کي ملائڻ جو خيال پيش ڪيو. [10] ھن پاڻياٺي سڪون (hydrostatics) کي حرڪت (dynamics) سان ملائي پاڻياٺي حرڪت (hydrodynamic) کي پيدا ڪيو. ھن ڪثافت يا گھٽائي، وزن ۽ ڪشش ثقل کي جاچڻ جا نوان طريقا متعارف ڪرايا. ھن روشني ۽ حرارت جا مختلف مفروصا پڻ پيش ڪيا [11]. جيتوڻيڪ ھن پنھنجي تحقيق ۾ طبعيات کي مرڪز نہ بڻايو ھيو پر ان علم جون جھلڪيون ھن جي لکڻين ۾ موجود ھيون[11].

البيروني جي فلڪيات تي لکيل ڪتاب مان ورتل ھڪ تمثيلي خاڪو جنهن م چنڊ جا مختلف مرحلا ڏيکاريل.
ڌرتي جي گولي ۽ ان جي نيم قطر ۽ گھيري جي ماپ جي تخميني لڳائڻ جي البيروني واري تجويز ۽ طريقي جو تمثيلي خاڪو

البيروني پنھنجي ڪل 146 ڪتابن مان 95 ڪتاب علم فلڪيات، علم رياضي ۽ انھن سان لاڳاپيل جاگرافي تي لکيا. ھن جي مذھبي عبادت سان لڳاء ھن ۾ علم فلڪيات جي تحقيق جو جذبو پيدا ڪيو[11]. نماز لاء ان وقت مقدس مذهبي جاين جو صحيح رخ ڄاڻڻ جي طريقي جي ضرورت ھئي ۽ درست طريقي لاء فلڪياتي معلومات ئي ھڪ ذريعو ھيو [11]. ھي ستارن جي گردش جي قسمت تي اثر جي خيال کي ڪوڙي جادوگري قرار ڏئي رد ڪيو[12]. ھن مسلمان ليکڪن جي زمين جي گردش جي قياس آرائي تي اھا ڳالھ مڃي تہ ان وٽ ان خيال کي ثابت ڪرڻ يا رد ڪرڻ جو ڪو دليل ڪونھي پر ھن زمين جي گردش جي خيال جي حق ۾ راء ڏني[13]. ھن طبي دواسازي تي بہ تحقيق ڪئي ۽ ڪتاب سيداله في الطب نالي ڪتاب ۾ پنھنجي دؤر جي سمورين ڄاتل دوائن جو ذڪر ڪيو. ھن شامي، يوناني، بلوچي، فارسي، افغاني، ڪرد ٻولين جي دوائن جي ھم معنيَ نالن جي فھرست پڻ تيار ڪئي[14][15].

لاڏاڻُو

محمود غزنوي لاڏاڻي (421ھ /1030ع) کانپوءِ سندس پٽس شاهه مسعود غزنويءَ به البيروني جي ساڳي عزت ۽ احترام ڪندو آيو[3]. اتي سندس سڃاڻپ مامون رشيد ۽ بوعلي سينا سان به ٿي، جيڪي سندس علمي فضيلت سبب شاگرد بڻيا[3]. ابو ريحان، غزنيءَ ۾ رهندي گهڻا ئي ڪتاب لکيا، نيٺ لاڳيتو جاکوڙ کان پوءِ، پنجهتر ورهين جي عمر ۾ تاريخ 3 رجب المرجب سن 440ھ مطابق 12 ڊسمبر 1048ع تي غزنيءَ ۾ وفات ڪيائين[3].

ڪتاب الهند

محقق اَبورَيحان البيرُونِي, جنهن ڪيترن ئي علمن ۾ ڪتاب لکيا ۽ خاص طرح پنجين صدي هجريءَ جي شروع ۾ هندستان بابت ’ڪتاب الهند‘ لکيائين، جنهن ۾ ڪتب آندل ڪي مقامي لفظَ ۽ محاورا ’سنڌي ٻوليءَ‘ سان ملن ٿا.[16]

حوالا