آيرويد
آيرويد لفظ جي معنيٰ آهي ”زندگيءَ جو علم“، هندي ٻوليءَ ۾ طب جي مشھور ڪتاب جو نالو، جنھن کي هندي طب جو پھريون ڪتاب چيو وڃي ٿو، جيڪو ڌنوتريءَ نالي هڪ نامياري طبيب تصنيف ڪيو هو. ڪن ڄاڻن جو خيال آهي تہ اهو ”آيرويد“ جو خلاصو آهي. اصلاحي طور ”آيرو ويد“ کي ”هندي علم طب“ چيو ويندو آهي. آيرويدڪ علاج، خاص جڙي ٻوٽين ذريعي علاج جو طريقو آهي. يوناني طب بہ اُن مان مدد ورتي آهي. ماهرن جو خيال آهي تہ يوناني طب جي تدوين 460 ق.م ڌاري حڪيم بقراط ڪئي، ساڳئي دور ۾ هندستان ۾ ”چرڪ“ نالي ويڄ آيرويدڪ کي تڪميل تي پڄائي چڪو هو. قديم هندستان ۾ آيرويدڪ طريقي علاج تي سوين ڪتاب لکيا ويا آهن. ڪن ڪتابن ۾ آيرويدڪ علاج کي ٽن کان پنج هزار سال پراڻو علاج جو طريقو ڄاڻايو ويو آهي. بھرحال آيرويدڪ علاج جا اهم مرڪز سنڌو ماٿريءَ جا موهن جو دڙو، ڪاشي ۽ ٽيڪسلا هوندا هئا.[1]
حوالا
🔥 Top keywords: مُک صفحوزمرو:سائنسٻين مھاڀاري جنگخاص:ڳولاخاص:تازيون تبديليونوڪيپيڊيا:بابتوڪيپيڊياوڪيپيڊيا:عام غيرجوابدارينامووڪيپيڊيا:نياتي بابمدد:مندرجاتزمرو:طبمدد:تعارفوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريوزمرو:حياتياتفطرتي سائنسباب:ھاڻوڪا واقعابڪيسنڌي وڪيپيڊياچينوڪيپيڊيا:ھاڻوڪا واقعازمرو:صفائي گهربل سڀئي صفحاوڪيپيڊيا:حوالو ميزقائم الدينوڪيپيڊيا:مندرجاتزمرو:انساني جسموڪيپيڊيا:خبرونارضياتسانچو:ڄاڻخانو اسٽيشنميڊياوڪيزمرو:جاگرافيزمرو:فلڪياتاستنجوسانچو:حوالا ڏيوزمرو:غلط حفاظت سانچن سان وڪيپيڊيا صفحاڪوروناوائرس روڳ 2019زمرو:ٽيڪنالاجيزمرو:اناٽوميسيريزسومار خان ڪنگراڻي