آنگڪولاجي (طب)


آنگڪولاجي يا آڱڪولاجي(انگريزي: Oncology ) طب (medicine) جي ھڪ شاخ جو نالو آهي جيڪا ڪينسر جي روڪ، تشخيص ۽ علاج جي باري ۾ علم آھي. ھن طبي شاخ جي ماھر کي آنگڪولاجسٽ يا آڱڪولاجسٽ چئبو آهي. [1]لفظ آنگڪولاجي يوناني ٻوليءَ جي لفظ ὄγκος (آنڪوس -ónkos) ۽ λόγος (لاگس - logos ) مان نڪتل آهي. آنڪوس جي معني رسولي (tumor)، مقدار يا مايو آھي، ۽ لاگس جي معني آھي اڀياس.[2] ھن علم مطابق ڪينسر ۾ جان بچائڻ جو عمل ٽن طريقن سان ٿئي ٿو؛ پھريون اھو تہ ڪينسر جي خطري کي پيدا ڪندڙ ڪمن جھڙوڪ: تماڪ ڇڪڻ ۽ شراب واپرائڻ وغيره کان پاسو ڪرڻ شامل آهي؛[3] ڪينسر جي مرض جي سڃاڻپ بعد ان جي اسڪريننگ ۾ بھتري آڻڻ؛ [4] ۽ علاج ذريعي بھتري آڻڻ. [5][6] ڪينسر جي بيمارين کي منھن ڏيڻ لاءِ مختلف ڪينسرن کي روڪڻ وارين ڪانفرنسن ۾ بحث ڪيا ويندا آهن. [7] انھن ڪانفرنسن ۾ ميڊيڪل آنگڪولاجسٽ، سرجيڪل آنگڪولاجسٽ ، ريڊيئيشن آنگڪولاجسٽ، ريڊيالاجسٽ، پيٿالاجسٽ ۽ مخصوص عضون جا آنگڪولاجسٽ شامل ٿي ڪينسر جي مريض جي جسماني، سماجي، نفسياتي، جذباتي ۽ مالياتي حالت کي سامھون رکندي ان جي بھترين ممڪن سنڀال جا طريقا ڳوليندا آهن. ھڪ آنگڪولاجسٽ جي لاء اھو لازمي هوندو آهي تہ تازي علمي واڌ کان پاڻ کي واقف رکي.

آنگڪولاجي
Oncology

دل جي سي ٽي اسڪين ميسوٿيليوما جي خرابي ايسٽيرسڪ (*) ذريعي تيرن جي وچ ۾ ڏيکاريل
فوڪس ڪينسر واري رسولي
ذيلي ورھاستون ميڊيڪل آنگڪولاجي، ريڊيئيشن آنگوڪولاجي، سرجيڪل آنگڪولاجي
اھم چڪاسون ٽيومر مارڪر، TNM اسٽيجنگ , سي ٽي اسڪين, ايم آر آء اسڪين

حوالا