آمنه بنت وهب

آنحضرت محمد مصطفيٰ صلي -الله- تعاليٰ عليه وسلم -جن- جي والده سڳوري، حضرت بيبي آمنه بنت وهب -بن- عبدالمناف قريش قبيلي جي نهايت ئي پاڪدامن ۽ نيڪ صورت عورت هئي.

آمنه بنت وھب
(عربي ۾: آمنة بنت وهب)،(عربي ۾: آمنة بنت وهب بن عبد مناف)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
ابواء ۾ بيبي آمنه جي قبر جيڪا 1998 ۾ سعودي حڪومت طرفان ڊاھي پٽ ڪئي وئي
ابواء ۾ بيبي آمنه جي قبر جيڪا 1998 ۾ سعودي حڪومت طرفان ڊاھي پٽ ڪئي وئي

معلومات شخصيت
ڄمسن557 عيسوي[2]
مڪو، عربستان
موتسن 577 عيسوي، 47 ق.ھ
مڪي مديني جي وچ تي مقام: ابواء (عربي: الأبواء)(جدي کان 190 ڪ.م. جي فاصلي تي)
ڌرمابراھيمي دين حنيف
مڙسعبد الله بن عبد المطلب (23 جُولاءِ 570–1 جنوري 571)[3][4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو spouse (P26) وڪي ڊيٽا تي
ٻارمحمد   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو child (P40) وڪي ڊيٽا تي
پيءُوهب بن عبد مناف بن زھيرة بن ڪلاب بن مرة بن ڪعب بن لؤي بن غالب بن فھر بن مالڪ بن نضر بن ڪنانة بن خزيمة بن مدرڪة بن الياس بن مضر بن نزار بن معد بن عدنان.
ماءُبرة بنت عبدالغزيٰ بن عثمان بن عبدالدار بن ڪسي بن ڪلاب بن مرة
عملي زندگي
پيشوشاعر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻوليعربي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

احوال زندگي

سندس والد بنو زهره جو سردار ۽ قريش قبيلي ۾ نهايت محترم ۽ عزت وارو ليکيو ويندو هو. سندس والده جو نالو برة بنت عبدالغزيٰ -بن- ڪلاب هو. بيبي صاحبه جو نڪاح، آنحضرت صلي -الله- عليه وسلم -جن- جي والد بزرگوار، حضرت عبدالله سان ٿيو. حضرت عبدالله شاديءَ کان ستت ئي پوءِ خاندان سان گڏ واپار سانگي شام ملڪ ڏانهن ويو. واپسيءَ تي پنهنجي والد عبدالمطلب جي هدايت موجب، مدينه طيبه ۾ کجور جي واپار خاطر رهي پيو. مڄاڻ جو اتي بيمار ٿي پيو ۽ 25 ورهين جي ڄمار ۾ دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. کيس مديني منوره ۾ دفنايو ويو. سندس وفات کانپوءِ بيبي آمنه سڳوري اڪيلي ٿي پئي. آنحضرت صلي -الله- عليه وسلم -جن- اڃا سندس شڪم مبارڪ ۾ ئي هئا. ستت ئي حضور اڪرم صلي -الله- عليه وسلم جو ظهور 12 ربيع الاول سنه 1 ”عام الفيل“ 22 -اپريل- 571ع ۾ مڪي پاڪ ۾ ٿيو. عرب جي دستور موجب کين چار سال، دائي حليمه وٽ کير پيئڻ، تربيت ۽ ڳوٺاڻي -ٻولي- سکڻ لاءِ ڇڏيو ويو. جڏهن حضور ڪريم صلي -الله- عليه وسلم -جن- جي عمر ڇهه ورهيه ٿي، ته بيبي آمنه سيده کي خيال ٿيو ته پنهنجي مڙس جي مزار جي زيارت ڪريان ۽ پيڪن کان به ٿي اچان. انهيءَ ارادي سان حضور صلي -الله- عليه وسلم -جن- کي ۽ پنهنجي ورثي ۾ مليل ٻانهي، ”اُم ايمن“ کي ساڻ ڪري، مديني پاڪ پهتي. بيبي آمنه مديني ۾ دارا النابغه ۾ هڪ مهينو ٽِڪي، پوءِ جيئن ئي واپسيءَ جي سفر تي اُسهي ۽ منزل آبواءَ پهتي ته سندس زندگيءَ جا ڏينهن پورا ٿيا، سندس آخري آستانو به اتي ئي ٿيو.[5]

حوالا