مُک صفحو

وڪيپيڊيا تي ڀليڪار
سنڌي ۾ 17,806 مضمون آهن.

چونڊ مضمون

عبدالقادر جيلاني جنهن کي محي الدين، شيخ عبدالقادر جيلاني جي نالي سان پڻ سڏين ٿا، هڪ سُني حنبلي طريقي جو صوفي ۽ صوفين جي قادري سلسلي جو باني آھي. گيلان صوبي سان تعلق ھجڻ ڪري کيس گيلاني چوندا آهن. عربي ٻولي ۾ گيلان کي جيلان سڏيو ويندو آهي، تنھن ڪري کيس جيلاني پڻ سڏين ٿا. ھن ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي شهر ۾ حاصل ڪئي ۽ 1095ع ۾ ارڙھن سالن جي عمر ۾ ھي حنبلي فقہ سکڻ لاء بغداد روانو ٿيو. ھن جي نمايان ڪمن ۾ قادريہ مدرسي جو بنياد وجھڻ ھو، جيڪو اڳتي ھلي ديني تعليم جو مرڪز بڻيو، ھن جي مصروفيت جو مرڪز ھن جو مدرسو ھو جتي ھي دين جو علم سيکاريندو هو ۽ بطور مفتي پڻ ڪم ڪندو هو. ھن پنھنجي خطبن ۾ غريبن ۽ محتاجن جي مدد جي تلقين ڪئي ۽ اسلامي فقھي تقاضائن کي روحانيت جي مطابقت ۾ آڻڻ جو درس ڏنو. عراق جي شھر بغداد ۾ مزار ھجڻ جي ڪري ھن کي بغدادي پڻ سڏيو ويندو آھي. ڏکڻ ايشيا جا ماڻھو ھن کي پيران پير ۽ دستگير سڏيندا آهن، ھن کي غوثِ الاعظم جي لقب سان پڻ سڏيو وڃي ٿو. ھي 1166ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس سندس مدرسي ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪو ھڪ پاڪ زيارت گاھ بڻجي چڪو آھي.

خبرن ۾


  • 2024ع جي آمريڪي صدارتي چونڊن جي اميدوار ۽ اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ (تصوير) ھڪ قاتلاڻي حملي ۾ محفوظ رھيو.
  • گڏيل بادشاھت جي عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي سوڀاري ٿي، ۽ ڪيئر اسٽارمر وزيراعظم چونڊجي ويو.
  • بارباڊوس ۾ کيڏيل مردن جي ٽي20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي آخري راند ۾ ھندوستان، ڏکڻ آفريڪا کي ھارائي ورلڊ ڪپ کٽي ورتو.
  • وڪي ليڪس جي باني جوليان اسانج کي جيل مان آزاد ڪيو ويو.
  • روس جي شھر داغستان ۾ منظم حملن جي نتيجي ۾ 28 ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا.

ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟

  • ... تہ مَٽيارين جو موتُ ويندي... چوڻي ھڪ فتوا سبب مشھور ٿي، جنھن ۾ چيل ھو تہ ڪو هندو ”ادا“، ”ڀائو“ وغيرہ چوي تہ ان کي زوري مسلمان ڪيو وڃي.
  • ... تہ ٿر ۾ 18ھين صدي جي آخر ۾ مھا ڏُڪار آيو، جنھن کي ڇپنو ڏڪار چيو ويندو آھي.
  • ... تہ ماتا ترپتا ھندو ڌرم سان تعلق رکندي ھئي ۽ بعد ۾ مذھب تبديل ڪري سک ٿي، سک ازم جو باني سندس پٽ گرو نانڪ (تصوير) ھو.
  • ... تہ انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا جو آخري ڇپيل ايڊيشن 32 جلدن ۽ 32،640 صفحن تي ٻَڌل آهي.
  • ... تہ دنيا جي سڀني پوڄائن مان لنگ جي پوچا جو رواج نهايت قديم آهي.

اڄ جو قول

وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/جُولاءِ 17

اڄ جو لفظ

2

بانڪڙو
ڪاٺ جي پٽين يا ڏَڪن مان ٺهيل بينچ
جنهن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ پُٺ بہ لازمي هجي
هن قسم جون بينچون هوٽلن تي ڏسبيون آهن. بانڪڙي مان ئي ٻاڪڙا هوٽل جو اصطلاح ٺهيو آهي.


ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 17,806 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

بھترين مضمون

اگرتلا سازش ڪيس پاڪستان ۾ ھڪ بغاوت جي ڪيس جو نالو آھي، جيڪو ايوب خان جي دور ۾ حڪومتِ پاڪستان عوامي ليگ جي سربراهہ شيخ مجيب الرحمٰن ۽ ٻين 34 ماڻھن مٿان داخل ڪيو ھو. ھن ڪيس ۾ شيخ مجيب الرحمٰن ۽ ٻين مٿان ھندوستان سان ملي پاڪستان جي سالميت خلاف سازش ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو. حڪومتي موقف مطابق ھي سازش ھندوستان جي شھر اگرتلا ۾ رٿي وئي، ان لاءِ عام طور تي ھن کي اگرتلا سازش ڪيس جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ھن ڪيس لاءِ پاڪستان جي تعزيري ضابطن ۾ ترميم ڪئي وئي جيئن فريادي کي فائدو پهچي سگهي. ھن مقدمي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بغاوت ايوب خان جي حڪومت جي خاتمي ۾ هڪ اهم ڪارڻ بڻي. ھن مقدمي کي بنگلاديش جي آزاديءَ جي جنگ جي اهم واقعن ۾ بہ ڳڻيو وڃي ٿو.

اڄ جو ڏينھن

اربع 17 جُولاءِ 2024ع مطابق 9 محرم 1446ھ


ايم ايڇ 17
ايم ايڇ 17
  • 1821اسپين فلوريڊا کي آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏيو.
  • 1920افغانستان جي بادشاه ماڻهن کي اپيل ڪئي ته سنڌ مان حجرت ڪري ايندڙن جي آجيان ڪئي وڃي. انگريزن جي غير اسلامي پاليسين سبب سنڌي حجرت تي مجبور ٿيا آهن.
  • 1973افغانستان جي جنرل سردار دائود خان، ظاهر شاهه جي حڪومت جو خاتمو آندو.
  • 1990پي ٽي وي نئين چئنل پي ٽي وي 2 جو آغاز ڪيو.
  • 2014ملائيشيا جي جهاز ايم ايڇ 17 (تصوير) کي يوڪرين ۾ مزائيل هڻي ڪيرايو ويو. جنهن ۾ سوار 298 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا.

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 17,806 مضمون موجود آهن.
وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريومدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ: ، ، ، ۽ ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)